صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري ٽيون ڏينهن ڪراچي پهتو جتي هن وزيراعلي هائوس ڪراچي ۾ امن امان ۽ سنڌ کي ترقي وٺرائڻ بابت اجلاس ڪيا ۽ ايم ڪيو ايم سميت سياسي و سماجي اڳواڻن واپارين سان به ملاقاتون ڪيون۔صدر آصف علي زرداري جو عهدي سنڀالڻ بعد سنڌ جو هي ٻيو دورو آهي پهريون ڀيرو عيد تي نوابشاهه آيو هو جتي هن وڏڙن جي قبرن تي فاتح پڙهي هئي ۽ ڪجهه پارٽي اڳواڻن ۽ سياسي شخصيتن سان به مليو هو پر هي دورو ڪنهن حد تائين نج سياسي ۽ انتظامي لحاظ کان اهم سمجهيو وڃي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي وفد به آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي کيس ٻيهر صدارت جو منصب سنڀالڻ جون مبارڪون ڏنيون ۽ اشارو ڪيو ته ايم ڪيو ايم پ پ پ سان گڏجي سنڌ ۾ هلڻ سان تيار آهي پر سنڌ جو گورنرشپ ايم ڪيو ايم وٽ رهڻ گهرجي۔ ڏٺو وڃي ته ويجهي ماضي ۾ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سياسي تلخيون تيز هيون خاص ڪري بلدياتي چونڊن دوران پ پ پ جو ميئر منتخب ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم سخت ناراض هئي۔ايم ڪيو ايم جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ خلاف به سخت بيان بازي ڪئي هئي ۽ مڪاني چونڊن ۾ پ پ پ ۽ جماعت اسلامي مٿان سندن مينڊنٽ چوري ڪرڻ جو الزام به مڙهيو هو۔هن کان اڳ ڪراچي جي ميئرشپ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم وٽ رهي هئي۔جيئن ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿي ۽ ٽٽي ته قومي صوبائي توڙي مڪاني چونڊن ۾ سندس ووٽ گهٽيو ۽ اقتدار کان ٻاهر رهي البته شهباز شريف جي گهٽ مدت واري حڪومت ۾ وفاق ۾ ٻيهر ڏسڻ ۾ آئي ۽ هن سال وارين چونڊن ۾ وري ساهه پٽيو اٿس پر سندس ڪوشش آهي ته سنڌ جي گورنرشپ ايم ڪيو ايم وٽ ئي رهي ڪنهن ٻي پارٽي جو قبضو نه ٿئي۔ن ليگ پنهنجو گورنر آڻڻ چاهي ٿي پر اڃا انهيءَ ڪري آڻي نه سگهي آ جو وفاق ۾ ايم ڪيو ايم ن ليگ جي اتحادي آهي تنهنڪري ن ليگ في الحال پنهنجو گورنر آڻن کان لنوائي رهي آهي۔البته پ پ پ ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو ارادو رکي ٿي جو بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻ وارو خواب پورو ڪري سگهي.
صدر آصف علي زرداري سنڌ امن امان جي بحالي ۽ ڌاڙيلن جي وجود مٽائڻ بابت به اجلاس ڪيو جنهن ۾ هن ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي جا احڪامات جاري ڪندي ڪمزور ۽ ناڪام پوليس آفيسرن کي فوري هٽائڻ جو چيو۔هن اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز به خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ سنڌ کي وفاق پاران ضروري مدد مُهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي۔ سنڌ ۾ ڪجهه سالن کان پئدا ٿيل بدامني تي پ پ پ جي سنڌ حڪومت ۽ قيادت تي سخت تنقيد ٿيندي رهي آهي ۽ آئي ڏينهن حڪومت مخالف ريليون نڪرن ٿيون ۽ احتجاج ٿي رهيا آهن جيڪي پ پ پ حڪومت لاءِ چئلنج بڻيل رهيا آهن۔هونئن به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏوهاري صوبي کي يرغمال ڪري ويهن سنڌ جي حڪومت ۽ پ پ پ لاءِ ڪنهن لمحه فڪر کان گهٽ ناهن ۽ خاتمو وقت جي ضرورت آهي۔صدر صاحب سنڌ ۾ سرڪاري توڙي نجي زمينن تي ٿيندڙ قبضن جو به سخت نوٽيس ورتو۔زمينن تي قبضا ڪرائيندڙ به ڪي عام ماڻهو ناهن اهي طاقتور وڏيرا سردار آهن جن کي سياسي ۽ حڪومتي پٺڀرائي آهي انهن خلاف ڪارروائي لاءِ سچائي جي ضرورت آهي۔پ پ پ ۽ ن ليگ کي سرڪاري سرپرستي ۾ پلجندڙ قبضه خورن خلاف موثر ڪاروائي جي ضرورت آهي ۽ سياسي پارٽيون اهڙن قبضه خور اڳواڻن کان لاتعلقي جو اظهار ڪن ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي حالت ۾ بدامني خونريزي اغواڪاري جو خاتمو ممڪن نه ٿيندو۔صدر آصف علي زرداري کي هن ڏس ۾ قومي ڪردار ادا ڪرڻو پوندوسنڌ جا ماڻهو صدر جي ڪراچي دوري ۽ ڏنل هدايتن تي متوقع عمل جي انتظار ۾ آهن ته ناڪام پوليس آفيسر ڪڏهن ٿا ڪاروائي جو حصو بڻجن۔پوليس ۾ اڌ کان مٿي وڏيرن ۽ سردارن جو اولاد عزيز آهن جيڪي ڪڏهن به نه چاهيندا ته سندن اولاد قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچن.
صدر مملڪت آصف علي زرداري سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ منشيات جي واهپي ۽ ان جو شڪار ٿيندڙ نوجوانن تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جا الڳ احڪامات جاري ڪيا جيڪي وقت جي ضرورت آهن۔
بهرحال صدر مملڪت سنڌ کي ترجيح ڏني آهي جو دوري پويان دورا ڪيا اٿس جنهن جا مثبت نتيجا نڪري سگهن ٿا۔صدر مملڪت کي سنڌ جي هر ضلعي جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ مقامي نوعيت جا مسئلا معلوم ڪري جنهن سان بدامني جو ممڪن خاتمو ٿي سگهي۔خاص توجهه روينيو ۽ پوليس کاتن تي ڏيڻ گهرجي جن جا ڪامورا بدامني جا سبب بڻيل آهن وڏيرن ۽ سردارن جا ڪمدار ٿين ٿا جيڪي زمينن تي قبضا ڪرائي خونريزي ۽ اغواڪاري کي هٿي ڏين ٿا.