پاڪستان ۾ تعليمي ايمرجنسي سان ڇا مثبت نتيجا نڪرندا ؟

تحرير: نثار لغاري

هن وقت سرڪار موجب پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن مطلب اهي ڪا تعليم حاصل نه پيا ڪن  هي اسان جي ملڪ جو انهائي منفي پاسو آھي جيڪو دنيا ۾ قبوليت جوڳو ناهي هن جو اهو به مطلب آھي ته رياست ۽ حڪومتون پنهنجي عوام کي عام رسمي تعليم ڏيڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام آھن هنن پنجهتر سالن ۾ ھڪ مڪمل جاهل معاشرو تخليق ڪيو آھي جيڪو سوال نه اٿاري  تعليمي ايمرجنسي سميت انيڪ تجربا جاري آھن جيڪي مختلف صورتن ۾ هلندا رهندا آھن هن وقت وري وفاقي حڪومت تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آھي.

ياد رهي ته سنڌ ۾ ڪافي سالن کان تعليمي ايمرجنسي لڳل آھي پر سنڌ جي تعليم ويتر بيماري جي بستري تي اهلجي پئي آھي ان بابت ڪافي ڪجهه ايندو رهندو آھي. پاڪستان جي وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي ويچار ڪري رهي آهي.اختياريءَ وارن موجب تعليم جي شعبي ۾ ھنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو مقصد انھن ٻه ڪروڙ سٺ لک ٻارڙن کي بنيادي تعليم ڏيڻ آھي، جيڪي ھن وقت اسڪولن کان ٻاهر آھن، يعني ڪنھن به سبب جي ڪري تعليم حاصل نه ڪري رھيا آھن.

تعليم جي وفاقي سيڪريٽري، محي الدين وانيءَ  ميڊيا سان  ڳالهه ٻولهه ڪندي  تصديق ڪئي آهي ته وزير اعظم شهباز شريف جي هدايتن تي تعليم واري وزارت سڄي ملڪ ۾ چئن سالن جي لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ موجب پاڪستان ۾ اسڪول وڃڻ واري عمر جا 40 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن مان 54 سيڪڙو ڇوڪريون آهن. انھن مان 22 سيڪڙو اُهي ٻار آهن جيڪي داخلا وٺڻ کان پوءِ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ويا.

پاڪستان ۾ تعليم جي ابتر حالت جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 10 سالن کان گهٽ عمر جي 75 سيڪڙو ٻارن کي لکت پڙهڻ ۽ سمجهڻ ڏانءُ نٿو اچي. ’يونيسيف‘ جي تازي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 40 سيڪڙو ٻار جسم جي بنيادي واڌ ويجھه ۽ صحت جي مسئلن جو شڪار آهن. ملڪ ۾ هن وقت خواندگي جي سراسري 62 سيڪڙو آهي، جڏهن ته تعليم تي حڪومت پاران جي ڊي پي جو فقط 1.7 سيڪڙو خرچ ڪيو وڃي ٿو. وفاقي سيڪريٽري محي الدين واني جو چوڻ آهي ته اسڪول نه ايندڙ ٻارن جو مسئلو رڳو تعليمي ناهي، پر اھو وڌندڙ آبادي، صحت، ناڻي، رٿابندي ۽ صوبائي حڪومتون سان پڻ لاڳاپيل آهي. هن چيو ته حڪومت کي ان معاملي تي ڳڻتي آهي، جنھن تي وزيراعظم ھڪ قومي ڪانفرنس سڏائڻ جو چيو آهي. ان ۾ هو تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو.

گذريل مھيني هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف تعليمي ايمرجنسي جو اشارو ڏنو ھو، ۽ چيو ته ان کان وڏي مجرماڻي غفلت ٻي نٿي ٿي سگهي جو اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سان حقدار ٻارن کي معياري تعليم ڏيارڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

ايمرجنسي سان ڇا ٿيندو؟

تعليم کاتي ۾ ھنگامي حالت لاڳو ڪري، تعليم جو وفاقي توڙي صوبائي بجيٽ وڌائي ۽ معياري تعليم جو نظام جوڙي، ملڪ ۾ خواندگي جي شرح کي وڌائي سگھجي ٿو. محي الدين واني چيو ته تعليمي ايمرجنسي ھيٺ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي ايندڙ پنجن سالن ۾ ٻه ڪروڙ سٺ لک مان گهٽائي 90 لک تائين آڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته اھا تجويز پڻ ڏني وئي آهي ته وفاق توڙي صوبن ۾ تعليمي بجيٽ کي ايندڙ پنجن سالن ۾ جي ڊي پي جي پنج سيڪڙو تائين وڌايو وڃي، ۽ پٺ تي پيل علائقن ۾ وسيلن جي ورڇ کي بهتر ڪيو وڃي.

غريب ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيندڙ ’زندگي ٽرسٽ‘ جي باني شهزاد راءِ جو چوڻ آهي ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ھڪ سٺو قدم آهي، پر ان سان گڏ بنيادي سڌارا آندا وڃن ۽ تعليم ڏيڻ جا جديد طريقا اختيار ڪيا وڃن. هن چيو ته ”مون کي انهن ٻارن لاءِ تمام گهڻي ڳڻتي آهي جيڪي اسڪولن کان ٻاهر آهن، پر انهن جي باري ۾ وڌيڪ ڳڻتي آهي جن کي اسڪولن ۾ سٺي تعليم نه پئي ملي، جنهن جي ڪري ھو سماج ۾ ڪو به ھاڪاري ڪردار ادا نه پيا ڪري سگهن.“

هن صلاح ڏني ته حڪومت پهرين ٽيچرز ٽريننگ جا ڪاليج فعال بڻائي استادن کي پڙھائڻ جي سکيا ڏئي، انھيءَ سان تعليم جو معيار بهتر ٿيندو ۽ اسڪولن کان ٻاهر موجود ٻارن جي والدين جو به سرڪاري نظام تي ويساھ وڌندو.

حڪومت ڪئي تعليمي پلان جوڙيندي رهي آھي هاڻ ڏسجي ته هن  تمام اهم معاملي تي هو ڪيترو سنجيدا آھي يا خانا پوري ڪري رهي آھي سنڌ سميت ملڪ جي سڀني سجاڳ تعليم دوست عوام دوست ڌرين جو مطالبو رهيو آھي ته تعليم جي بجيٽ وڌائي سرڪاري اسڪولن جو معيار بهتر ڪيو وجي  هن وقت به خيالي ڳالهين ۽ خيالي منصوبن بدران عملي ڪم جي ضرورت آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.