تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي تي وائٽ پيپر جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي تي 300 صفحن تي ٻڌل وائٽ پيپر جاري ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، عمر ايوب ۽ شبلي فراز گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ شفاف انڪوائري لاءِ ڪميشن جوڙڻ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو.
بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ طرفان 300 صفحن تي ٻڌل وائٽ پيپر جاري ڪري رهيا آهيون، اهو عالمي ادارن، پرڏيهي ميڊيا چئنلز ۽ اخبارن جي رپورٽن تي ٻڌل آهي.
هن چيو اسان جو مطالبو آهي ته چونڊ سڌارا آندا وڃن، اسان جي پٽيشنز کي جلد ٻڌو وڃي ۽ جڊيشل ڪميشن ذريعي جاچ ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.