پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته پاڪستان اسٽيل ملز سنڌ جي هئي ۽ آھي.وفاق کي اسٽيل ملز نه کپي ته سنڌ حڪومت خريد ڪندي.وفاقي حڪومت کي سنڌ جي مرضيءَ بنا اسٽيل ملز بابت فيصلا نه ڪرڻ گهرجن اسان سان ويهي.هن اهڙن خيالن جو اظھار گذريل ڏينهن مزدورن جي عالمي ڏينهن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ته پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن جي نجڪاري ڪرڻ بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلايو وڃي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اسٽيل ملز کي بهتر هلائينداسين.پيپلز پارٽي قيادت مزدورن جي حقن خاطر قدم کنيا آھن.
قيادت وٽ ڪنهن مسئلي جو حل نه هجي سمجهو اها ليڊرشپ ادراڪ کان وانجهيل آھي.مسئلن جو ادراڪ رکندڙ قيادتون قومي مقصدن لاءِ جتي پاڻ قربان ڪرڻ جو احساس رکنديون آھن اتي قومي مسئلن جو حل به هنن جي شعوري سگھه جو پڻ حصو هوندو آھي.ان ڪري اهو چوڻ غلط ڪونه ٿيندو ته قومي قيادتون هونديون ئي قومي مسئلن جي حل خاطر.
پاڪستان اسٽيل ملز جي زميني ملڪيت کي ڏٺو وڃي ته اها به ڪمرشل بنيادن تي کربين روپين جي ماليت جي حيثيت رکي ٿي.مثلن هن وقت جي پوزيشن اها آھي ته اسٽيل ملز جي ٽوٽل زمين 18,600 ايڪڙ آھي.جيڪا پڻ 29 چورس ميل تي مشتمل آھي.جنهن ۾ 10,39 ايڪڙ تي خود اسٽيل ملز پلانٽ لڳل آھي، 8070 ايڪڙن تي ٽائون شپ آھي،جڏهن ته 200 ايڪڙ”زمين تي پاڻي ذخيري جو بندوبست ٿيل آھي.هي پاڪستان جو هڪ وڏو صنعتي ڪامپليڪس پڻ آھي جنهن اندر 20 کان وڌيڪ شعبا آھن. پاڪستان اسٽيل ملز 7,550 هيڪٽرز يعني 18،600 ايڪڙ جيڪو اٽڪل 75 ڪلوميٽرز يا 29 چورس ڪلو ميٽرز تي پکڙيل آھي.
آيل ميڊيا رپورٽن مطابق پاڪ اسٽيل ملز جي تباھ حاليءَ جو سبب اتي ملازم يونين سياست، ڪرپشن، اضافي ڀرتيون ڪري پگهارن جو ٻوجھه مٿان پوڻ آھي اتي ابتدائي هڪ معمولي اشو ايس ايس جي سي ايل جي بلنگ ٻڌايو وڃي پيو جنهن ڪري هن وقت به پاڪستان اسٽيل ملز 40 ارب روپين جي پڻ مقروض آھي.جڏهن ته 2020 جي رپورٽن موجب پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازم جو تعداد 9,350 پڻ آھي. مٿي ڏنل معلومات کان علاوه به آيل خبرن موجب وفاقي حڪومت پاران اسٽيل ملز جي زمين تي ايڪسپورٽ پروموشن زون جو پڻ قيام ٿيو آھي.جنهن بابت جڏهن سنڌ حڪومت جي موقف کي معلوم ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت اهڙي عمل تي ڪو اعتراض پڻ ناهي واريو ڇوته پاڪستان اسٽيل ملز جي زمين بنيادي طور سنڌ جي آھي. اهڙي طرح مالي سال 2017 ۾ پاڪستان اسٽيل ملز 7.45 ارب روپيا ڪمايا.2 مئي 2023 تي پي ايس ايم جي ڪل اثاثن جي ماليت پڻ 838.66 بلين روپيا ٻڌائي وئي آھي.جنهن ۾ 751 بلين روپيا ملڪيت شامل آھي. جنهن ۾ 1700 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين هزارين گهر ۽ ڪيترائي ٻيا پلاٽ آھن.جڏهن ته اطلاع اهي به مليا آھن ته اسٽيل ملز جي 2000 ايڪڙ زمين تي قبضو ٿي وڪرو ٿي چڪي آھي.انتهائي ويجهن ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آھي ته 930 ايڪڙ زمين قومي خزاني کي منظوري ملي چڪي آھي.هن سموري ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ پاڪستان اسٽيل ملز جهڙي قومي ميگا صنعتي اداري کي بهتر ڪرڻ بجاءِ نيلام ڪرڻ سمجھه کان ٻاهر آھي.
پاڪستان جو هي واحد قومي صنعتي ادارو آھي جيڪو اسان جي تعميراتي صنعت ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو يا آڻڻ جي سگهھ رکي ٿو،ان جهڙو ادارو قومي سطح تي پڻ پرائيويٽ ادارن وٽ به ڪونهي ۽ نه ئي ٻيو ڪو ٺھي سگهي ٿو.ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ملڪ جي معاشي مسئلن جي حل لاءِ هي ادارا پاڪستان اسٽيل ۽ پي آءِ اي بجاءِ خانگائڻ جي انهن کي بهتريءَ ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ورتي وڃي. هي ادارو پاڪستان جي رياست جي ملڪيت واري ڪمپني آھي جيڪا ملڪ ۾ ھڪ ڊگهي رولڊ اسٽيل ۽ ڳري ڌاتوءَ جون چار شيون پيدا ڪندڙ ادارو آھي.هي ادارو 1970 واري ڏهاڪي ۾ سويت يونين جي تعاون سان پڻ تيار ڪيو ويو.هي ملڪ جو وڏو صنعتي ڪمپليڪس پڻ هجڻ سان گڏوگڏ وسيع پئماني تي تعمير ٿيل آھي جنهن جي تعمير ۾ 1.29 ملين ڪعب ميٽر ڪنڪريٽ استعمال ٿيل آھي.ان کان علاوه هن صنعتي ڪامپليڪس ۾ لڳ ڀڳ 330,000 ٽن ڀاري مشينري،اسٽيل جي اڏاوت ۽ بجليءَ جي سامان تي پڻ هي صنعتي ميگا ڪارپوريشن مشتمل آھي.پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ وزير اعظم شوڪت عزيز PSM کي پرائيويٽائيزيشن پروگرام تحت اسٽيل ملز کي پرائيويٽائيزيشن ڪري عالمي خانگي ملڪيت۾ آڻڻ جي تڪراري ڪوشش پڻ ڪئي وئي.ان وقت جي فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جينياڻيءَ جي سهري جي خاص دلچسپي هئي ته پاڪستان اسٽيل ملز سستي اگھ تي خريد ڪري.جڏهن ته ان وقت سپريم ڪورٽ خاص دلچسپي جي بنياد تي قومي اداري کي بچائڻ لاءِ پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ان ڪوشش کي ناڪام بڻايو.بهرحال هڪ سٺو سنوڻ اهو ٿيو ته آخرڪار وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي ڪوششن سان Invers counter major Nationalization Program 2 تحت اسٽيل ملز کي حڪومتي ملڪيت ۽ انتظام ڏانهن آندو ويو.ان جي آپريشنل پلانٽ جي گنجائش 50-30% سيڪڙو تي پهچائي وئي.
هن وقت جون ملڪي معيشت جون تقاضائون آھن ته ملڪ کي معاشي مسئلن مان نڪرڻ لاءِ قومي ادارن کي بجاءِ خانگائڻ جي انهن جي بهتري ۽ سڌاري لاءِ فوري حڪمتي عملي جوڙي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.هن وقت خبر ناهي ته وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادين کي الائي ڇو ايتري تڪڙ آھي ته قومي ادارن خاص طور پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي کي خانگايو وڃي.
هن وقت ملڪ مسئلن جي حل جي گهر اها آھي ته قومي قيادتن کي گڏجي ويهي قومي ڊائلاگ ڪرڻ کپي ۽ نجڪاريءَ واري عمل کي ترڪ ڪرڻ گهرجي.
حڪمرانن کي اها خبر هجڻ کپي ته جڏهن ريڪوڊڪ جهڙي ڪمپني بلوچستان ۾ ٻيهر ڪم شروع ڪري سگهي ٿي ته پوءِ هي هي ريڪوڊڪ واري ڪم کان وڏو قومي اسم پاڪستان اسٽيل ملز ڇو ڪو نه ٿي بهتر حڪمتي عملي اپنائي هلائي سگهجي. نئين حڪمت عملي، نئي پاليسي ترتيب ڏئي فوري طور تي خاص طور پاڪ اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جهڙي ادارن کي نجڪاريءَ واري ڪڌي عمل کان روڪيو وڃي.