ميرپور ساڪرو جو تڪ سنڌ جي انهن بدنصيب تڪن مان هڪ آهي جنهن چونڊيل نمائندن کي ذاتي طور تي مالا مال ڪيو پر انهن اميدوارن هن تڪ جي عوام کي هميشه نظر انداز ئي پئي ڪيو آهي.هن تڪ لاءِ شروعاتي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڻ اليڪشن ۾ بيٺو هو پر بعد ۾ ملڪ جي مختلف سيٽن تان کٽڻ ڪري ان کي اها ساڪرو ٺٽو واري سيٽ ڇڏڻي پئي. پوءِ ڀٽي صاحب ساڪري واري تڪ تي مخدوم خاندان جي نوجوان مخدوم امين فهيم کي ساڪري واري تڪ جي اها سيٽ ڏني. ان دور کان هي تڪ ۽ تڪ جا ماڻهو سياسي طور لاوارث بڻيل آهن.
ضياالحق جي ڊگهي ۽ ظالماڻي مارشل لائي دور کان پوءِ 1988ع ۾ جمهوريت جي ڍولڪي وڄڻ شروع ٿي.ضياءُ الحق جي ان ڪاري دور ۾ ضلعي ٺٽي خاص طور تي تعلقي ساڪري جي سياسي نوجوانن، جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪوڙا کاڌا، جيل ڪاٽيا، وڏيون سختـيون سٺيون هيون.
مون کي اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن ضياءُ الحق جي دور ۾ جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ۾ هتان جا سياسي نوجوان اڳواڻ ۽ ڪارڪن راتين جو ڳوٺن جي ٻنين ۾ ويهي ميٽنگون ڪندا هئا ۽ راتيون لڪي گذاريندا ھئا. مير ما تيڻو خان رند ، اوٽو خان مرگهر ، نواز علي شيخ، حاجي خان سومرو عبدالعزيز بلوچ، حاڪم علي جوکيو (گهاري وارو) وغيره اُهي سياسي ڪارڪن هئا جن ضياءُ الحق جي دور ۾ڪوڙا کاڌا، جيل ويا ۽ سختيون برداشت ڪيون.
وقت جي رفتار تيزي سان اڳتي وڌندي وئي. 1988 ۾ جمهوريت جي بحالي کانپوءِ وري جڏهن نمائندن کان چونڊن جا فارم ڀرايا پئي ويا ته ساڪري تعلقي جي ڪنهن به سياسي نمائندي کي پ پ جي طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي. پرضلعي ٺٽي جي صاحب ڏني ڳاهي کي ٽڪٽ ڏني وئي.پارٽي جي نظر ۾ شايد ڪو مقامي ماڻهو اهل ئي نه هو جنهن کي اڳتي آندو وڃي يا پارٽي ان تي اعتماد ڪري يا پارٽي جو ڀروسي جوڳو اميدوار هجي.
مقصد ته هن تڪ لاءِ ڪڏهن به مقامي اميدوار ناهي چونڊيو ويو. اهي غير مقامي اميدوار چونڊبا آهن جيڪي اڳتي هلي پنهنجن علائقن جي ووٽرن ۽ مٽن مائٽن کي نوڪريون ڏيندا آهن. اها ئي هن تڪ جي وڏي بدقسمتي آهي.غير مقامي ماڻهو هن تڪ جي ترقي جو ناهن سوچيندا. ڪنهن به هن تڪ جي ماڻهن لاءِ نه سوچيو ته اهي ڇا ٿا چاهين، انھن جون گهرجون ڇا آهن انهن کي ڪيئن تعليم ڏجي، صحت ڏجي. سندن مسئلا ڪيئن حل ڪجن. زراعت جي بهتري لاءِ ڇا ڪجي آبادگارن ۽ هارين جا الڳ مسئلا. هن تڪ جي ماڻهن کي معاشي طور ڪيئن مضبوط ڪجي، روڊ رستا بجلي، گيس ۽ ٽرانسپورٽ ڪيئن ڏني وڃي، ان تي ناهي سوچيو ويندو جو اهي غير مقامي هوندا آهن. ايئن تڪ جو ووٽر اتي ئي رھيو جتان ڀٽو صاحب جي دور کان شروعات ٿي. البته مشرف دور ۾ شيرازين ڪجهه ترقياتي ڪم ضرور ڪرايا. ڪيٽي بندر جي تڪ ۾ ڪجهه تبديلي ضرور آئي پر تڪ 79 اتي جو اتي رهيو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن تڪ جا ووٽر پنهنجن مسئلن تي ٻڌل چارٽر تيار ڪري اميدوارن جي آڏو رکن ۽ اهي مطالبا ووٽ سان مشروط رکن. مطلب ته هن تڪ جي ماڻهن کي به اڳتي اچڻو پوندو. سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي اچي سوچڻو پوندو. جيڪڏهن نه ته الله به ڪنهن جي حالت نه بدلائيندو جيستائين توهان پنهنجي نه بدلائن چاھيو اسان جي اسٽيڪ هولڊرز مقامي ماڻهن ۾ به ڪا اهليت ناهي جو ڪو چارٽر يا منصوبو ٺاھي رکن اميدوارن اڳيان رکي سگهن.
هاڻي وري اليڪشن جي ڍولڪي وڄڻ شروع ٿي آهي، اسان اهو ئي اڇا ڪاٽن پائي ويگو ۽ ريوو جي پٺيان ڊوڙنداسين، جيئي ڀٽو جا نعرا هڻنداسين ان اميد سان ته هن دفعي اليڪشن کان پوءِ خوشحالي ايندي، نوڪريون ملنديون، ترقياتي ڪم ٿيندا پر وري به نوڪريون، اسڪالرشپون سياسي ليڊرن جي پٽن ڌيئرن ناٺين ڀائيٽن کي ملنديون ۔ پوءِ دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي آهي ته اسان ڪهڙن ظالمن کي ووٽ ڏنا۔
سو هن مسئلي جو حل اهو آهي ته هن تڪ جي مقامي اميدوارن کي اڳتي ڪيو وڃي، جيڪي پنهنجي تڪ جي مسئلن ۽ ماڻهن کي سمجهن ۽ پنهنجي تڪ جي عوام جي آڏو جوابدار هجن، ڌاريا ته ووٽ وٺي هليا ويندا جيئن ٿيندو آهي.
سو هن مسئلي جو حل اهو آهي ته هن تڪ جي مقامي اميدوارن کي اڳتي ڪيو وڃي، جيڪي پنهنجي تڪ جي مسئلن ۽ ماڻهن کي سمجهن ۽ پنهنجي تڪ جي عوام جي آڏو جوابدار هجن، ڌاريا ته ووٽ وٺي هليا ويندا جيئن ٿيندو آهي.