شاگرد دشمن پاليسي

تحرير: سميع ابڙو

سنڌ جي تعليمي صورتحال تي  لکنداسين  ته  ڪاغذ ڀرجي ويندا پر مسئلا رهجي ويندا. تعليمي ادارا مڪمل طور تي ھر سھولتن کان محروم آھن. ڳوٺن جي سرڪاري اسڪولن ڏانھن نظر ڦيرائي ڏسبي ته وڏيرن جو قبضو ھوندو اسڪولن کي اوطاق ڪري ھلائبو. جڏهن ته تعليمي ادارا وڏيرن جي ملڪيت ناھن. ھي ته ان ٻار جي ملڪيت آھي جيڪو سڀاڻي اڳيان پڙھي ڪنھن سٺي منزل تي پھچي پنھنجي علم ۽ عقل سان انهن وڏيرن کان قبضا ڇڏائيندو. پنھنجي شعور سان انهن کي مات ڏيندو ۽ ڳوٺ جي خوشحالي لا۽ ڪم ڪندو.

جيڪڏھن ڳالھه ڪجي ٿي يونيورسٽين جي ته اتي وري وڏا مانگر مڇ وات ڦاڙيو ويٺا آھن ھر طرف کان شاگردن کي لٽبو ڦربو ۽ خاص ڪري سنڌي شاگردن کي تعليمي ادارن مان بيدخل ڪري نيڪالي ڏبي. يونيورسٽين جي اندر شاگردن لا۽ ھاسٽلن تي پاڻي جو مسئلو آھي، صفائي جو مسئلو آھي، ڊسپينسري جو مسئلو آھي ھي حالت سنڌ جي تعليمي ادارن جي ڏسي دل روئي ٿي ۽ چوي ٿي دانھن ڏجي ته آخر ڪھڙي در ڏجي.

ٻئي پاسي ته سنڌي شاگردن لا۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگرد دشمن پاليسي لاڳو آھي جنھن کي ”ڪي، ايس، پي“ پاليسي جو نالو ڏنو ويو آھي يعني "ڪراچي، سنڌ، پاڪستان

ڪراچي جي تعليمي ادارن کي ٽن قسمن جي ڪيٽيگريز ۾ ورھايو ويو آھي.

“پھريون آھي "ڪي”ڪي جو مطلب ڪراچي  يعني اھي شاگرد داخل ڪبا جيڪي ڪراچي ۾ مستقل رھن ٿا جن جي انٽرميڊيئيٽ ڪراچي ۾ ڪيل ھجي ان کي داخلا ڪراچي پاليسي تحت ملندي ۽ سنڌي شاگردن کي جيڪي ڪراچي ۾ ڪيتري سالن کان رھائش پذير آھن ڊومسائل ڪراچي جو ناھي ته داخلا ڪونه  ملندي.

ڇا ڪراچي سنڌ جو حصو ناھي؟ ٻي ڪيٽيگري: "س” يعني سنڌ ھن ڪيٽيگري ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جا سنڌي شاگرد داخلا حاصل ڪري سگهندا جنھن جي سنڌي شاگردن لا۽ ڪوٽا تمام گهٽ آھي جيڪا سراسر  سنڌي شاگردن سان ظلم آھي جيڪو اسان کي قبول ناھي ،ٽئين ڪيٽيگري: پاڪستان يعني پاڪستان مان ڪٿان به ھجي داخلا ڪي ايس پي پاليسي تحت ملندي

ھي سنڌي شاگرد دشمن ۽ علم دشمن پاليسي آھي جنھن کيڪي ايس پي پاليسي يعني قاتل شاگرد پاليسي جيڪا اسان کي ھرگز قبول ناھي ٻين يونيورسٽين ۾ ته اھا شاگرد دشمن پاليسي نٿي ملي پو۽ سنڌي شاگرن سان اھڙو سلوڪ ڇو؟

ھي سوچيل سمجھيل سازش تحت سنڌي شاگردن جي رستا روڪ آھي تعليمي ادارا مڪمل تباھ لڳا پيا آھن. ھر سال فيسن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي ھن سال به سنڌ يونيورسٽي جي 15 سيڪڙو فيس وڌائي وئي ٻئي پاسي ڪراچي يونيورسٽي ۾ 30 سيڪڙو فيس وڌائي وئي جيڪا به اسان کي قبول ناھي .

اسان جنھن منزل لا۽ تياري ڪريون ٿا يعني سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٽيسٽن جي تياري ۾ ڏينھن رات ھڪ ڪري، پنھنجو آرام وڃايو ٿا صرف پنھنجا خواب حاصل ڪرڻ لا۽ آخر ۾ شاگردن جي خوابن جو جنازو نڪري ٿو سيٽون پيسن عيوض وڪرو ٿين ٿيون گريڊ وڪرو ٿين ٿا.ھي سنڌي شاگردن جي مستقبل لا۽ خطرناڪ سازش آھي، جنهن خلاف شاگردن کي متحد ٿي مزاحمت ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻا پوندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.