ڪوئيٽا ۾ پشتون قوم پرست پارٽين جو افغانين جي حمايت ۾ احتجاج

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ 4 پشتون قومپرست پارٽين پاران پاڪستان  مان افغان پناهگيرن کي جبري بي دخل ڪرڻ، چمن جي ماڻهن کي افغانستان وڃڻ لاءِ پاسپورٽ جي شرط ۽ غزه تي اسرائيلي حملن خلاف احتجاجي ريلي ۽ جلسو منعقد ڪيو ويو، احتجاجي مظاهرو عوامي نيشنل پارٽي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي (خوشحال)، نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۽ پشتون تحفظ موومينٽ جي سرپرستي ۾ ڪيو ويو.احتجاجي ريلي ۾ مقررن نگران حڪومت جي افغان پناهگيرن کي جبري بي دخل ڪرڻ واري فيصلي جي مذمت ڪندي ان کي پاڪستاني ۽ عالمي قانونن جي خلاف قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.