90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي:رضا رباني

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه  جون نگران حڪومتون بجيٽ پيش نه ٿيون ڪري سگهن.سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن  چيو ته آئين جي ڀڃڪڙي وڌيڪ ڀڃڪڙين جا رستا کوليندي آهي. جڏهن پنجاب اسيمبلي ٽوڙي وئي ته نگران حڪومت بجيٽ پيش ڪئي.وفاقي حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري. سينيٽ جو اڌ حصو نه هجڻ سان نئون آئيني بحران پيدا ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.