30 هزار افغان پناهگير بلوچستان مان رضاڪاراڻي طور واپس

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي اطلاعات واري وزير جان محمد اچڪزئي چيو آهي ته اڄ کان غير  قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي فارن ايڪٽ تحت گرفتار ڪري هولڊنگ سينٽرن ۾ رکيو ويندو.ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته 30 هزار افغان مهاجر بلوچستان مان رضاڪارانه طور افغانستان ويا آهن، جڏهن ته پهرين نومبر کان باقي غير قانوني رهندڙن خلاف قانون حرڪت  ۾ ايندو.هن چيو ته پهرين نومبر کان غيرقانوني رهندڙن خلاف فارنرز ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ کان علاوه انهن جون ملڪيتون سيل ۽ ضبط ڪيون وينديون.مڪران ڊويزن يا بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ ايراني باشندن خلاف به اهڙي ئي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين واپس سندن ملڪ موڪليو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.