طورخم بارڊر تان 90 هزار کان وڌيڪ افغان پناهگير واپس

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت پاران غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي سندن ملڪ موڪلڻ واري فيصلي کانپوءِ خيبرپختونخواهه  مان افغان پناهگيرن جي رضاڪارانه واپسي جو سلسلو جاري آهي ۽ هينئر تائين 90 هزار غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگير طورخم ذريعي افغانستان ويا آهن.خيبرپختونخواهه جي گهرو کاتي غير قانوني افغان پناهگيرن جي وطن واپسي لاءِ پشاور، هري پور ۽ خيبر ضلعي ۾ عارضي ڪيمپون قائم ڪري ڇڏيون آهن.اڄ کان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي گرفتار ڪري انهن ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويندو، جنهن بعد کين طورخم ذريعي افغانستان موڪليو ويندو.ٻئي طرف گهرو کاتي پاران هڪ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي جتان واپسي جي عمل جي نگراني ڪئي پئي وڃي، هڪ هيلپ لائن پڻ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن تي غير قانوني پرڏيهين جي سڃاڻپ کانسواءِ ٻين مسئلن جي صورت ۾ رهنمائي به ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.