پنجاب ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ تياريون مڪمل

لاهور(م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور رهندڙ  پرڏيهين جي واپسي لاءِ سموريون تياريون مڪمل آهن ۽ ڊيڊ لائن جي حوالي سان چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس کي پنجاب صوبي ۾ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.محسن نقوي موجب غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي پناهه ڏيڻ وارن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي.هن چيو ته غير قانوني پرڏيهين لاءِ مختلف ضلعن ۾ هولڊنگ ايرياز ۽ عارضي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن.

غير قانوني پرڏيهين جي اڪثريت افغاني آهي:سرفراز بگٽي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)  نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۾  افغان شهرين کان پئسا وٺڻ تي 2 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو ويو آهي.انٽرويو ۾ هن چيو ته وزيراعظم جون واضح هدايتون آهن ته جيڪڏهن ڪنهن افغان شهري خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن سان بدسلوڪي يا هراسان ڪرڻ جي ڪا به شڪايت آهي ته ضلعي جي پوليس اعليٰ اختيارين کي ذميوار قرار ڏنو ويندو،هن چيو ته غيرقانوني افغانين جي واپسي جي تاريخ ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي اسان رضاڪارانه واپسي لاءِ پهرين نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي ۽ 2 نومبر کان ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته غيرقانوني پرڏيهين کي هولڊنگ سينٽر ۾ رکنداسين، ان کان پوءِ اسان کين ڊيپورٽ ڪنداسين. هن چيو ته غير قانوني پرڏيهين جي اڪثريت افغانستان جي آهي ان ڪري مان برازيل جو نالو نٿو وٺي سگهان. اسان چاهيون ٿا ته سرحد پار دهشتگردي نه هجي، نه اسمگلنگ هجي، نه ڏوهه هجي، ان لاءِ پهريان غيرقانوني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍنداسين ۽ پوءِ پنهنجون سرحدون محفوظ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.