غزا ۾ پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري، 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ) غزا جي پٽي ۾ پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 350 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا فلسطيني صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته پناهگيرن جي جباليه ڪئمپ تي اسرائيلي جهاز 6 بم ڪيرايا، ان جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 350 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ ٻارن، بزرگن ۽ عورتن سميت 8 هزار 525 شهري شهيد ٿي چڪا آهن. يمن اسرائيل خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. يمني فوج جي بريگيڊيئر جنرل يحييٰ صريع انو چيو آهي ته يمني فوج اسرائيل خلاف راڪيٽ حملا ڪيا جنهن ۾ زميني مار ڪندڙ ميزائل ۽ ڊرون شامل هئا. هن چيو ته حملا ان وقت تائين جاري رهندا جيستائين اسرائيلي فوج غزا ۾ ڪارروائي بند نٿي ڪري. يمن جي حوثين اسرائيل خلاف حملن جي ذميواري قبول ڪئي آهي. گڏيل قومن چيو آهي ته غزه جي پٽي هاڻي ٻارن لاءِ قبرستان بڻجي وئي آهي، جتي اڃ سبب فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري ”اي ايف پي“ جي رپورٽ موجب غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بمباري ۾ هينئر تائين 8500 ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ اڪثريت عام شهرين جي آهي. گڏيل قومن جي ٻارن جي اداري يونيسيف جي ترجمان جيمس ايلڊر چيو آهي ته اهو خطرو آهي ته سڌي بمباري ۾ مارجي ويل ٻارن جو انگ مڪمل طور تي سامهون نه اچي سگهي. گڏيل قومن چيو آهي ته غزه جي پٽي هاڻي ٻارن لاءِ قبرستان بڻجي وئي آهي، جتي اڃ سبب فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري ”اي ايف پي“ جي رپورٽ موجب غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بمباري ۾ هينئر تائين 8500 ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ اڪثريت عام شهرين جي آهي. گڏيل قومن جي ٻارن جي اداري يونيسيف جي ترجمان جيمس ايلڊر چيو آهي ته اهو خطرو آهي ته سڌي بمباري ۾ مارجي ويل ٻارن جو انگ مڪمل طور تي سامهون نه اچي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.