فلسطينين جو رت وهائڻ پٺيان آمريڪا جو هٿ آهي: پيوٽن

ماسڪو(م ڊ) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وچ اوڀر جي بدترين افراتفري ۽ تباهي جي صورتحال جو ذميوار آمريڪا کي  قرار  ڏيندي چيو آهي، ته ان سڄي خرابي پٺيان آمريڪا جو ئي هٿ آهي. سعودي خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه ذريل ڏينهن روس جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر، حڪومتي عهديدارن ۽ قانون ساز ادارن جي سربراهن جي اجلاسن دوران چئي. روس جي صدر چيو ته آمريڪا ئي آهي جيڪو بدترين افراتفري جون حالتون پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي منظم ڪرڻ جو ذميوار آهي ۽ ان افراتفري مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو.

عوام تي واڌو بار جون تياريون، بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) سي پي پي اي جي 55 پئسا في يونٽ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي اڄ نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿيندي. بجلي واهپيدارن تي 8 ارب 37 ڪروڙ رپين  جو واڌو بار وجهڻ جو امڪان آهي، نيپرا بجلي 55 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪندي. بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست سي پي پي اي ڏني آهي ۽ بجلي جي اگهه ۾ واڌ سيپٽمبر 2023 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل واڌ سان واهپيدارن تي 8 ارب 37 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو پر بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.