ڪراچي ( م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شهباز شريف جي حوالي سان چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم مون ٺاهيو پر هن ڪم نه ڪيو. زرداري هائوس نوابشاهه ۾ آصف علي زرداري سان سياسي سماجي شخصيتن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته گذريل حڪومت عوام لاءِ ڪم نه ڪيو، پيپلزپارٽي هميشه عوام لاءِ ڪم ڪيو آهي، نوابشاهه ۾ زرعي يونيورسٽي قائم ڪندس ۽ ضلعي ۾ پوليس يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ اميدوارن کي پهرين تربيت ڏني ويندي. هن چيو ته روهڙي ڪئنال تي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ هائيڊرو سسٽم لڳايو ويندو، ڪينال سسٽم جي بهتري سان زرعي شعبي ۾ بهتري ايندي، نوابشاهه جي آبادي وڌي رهي آهي ان ڪري شهر کي وڌايو ويندو.