ڪڻڪ امدادي اگهه 4 هزار رپيا، پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ جي نگران ڪابينا ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ ۽ پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ نگران ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سيڪريٽري ناڻي ڪاظم جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڪابينا غور ويچار کانپوءِ پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ بجيٽ رقم کان علاوه فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي.  صوبائي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته فيبروري 2023ع ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 1.4 لک ٽن مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته خريداري 777258 ۽ ڪيري فارورڊ اسٽاڪ 42525 ميٽرڪ ٽن هو. اهڙي ريت صوبائي حڪومت وٽ ٽوٽل 819803 ايم ايم ٽي جو ذخيرو آهي جنهن مان 580197 ايم ايم ٽي جو شارٽ فال آهي. صوبائي حڪومت وفاق کان اڳ ئي 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ طلب ڪري ورتي آهي جيڪا اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ڪابينا 10 نومبر کان ڪڻڪ 10500 رپيا في 100 ڪلوگرام جي حساب سان جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بحث کانپوءِ صوبائي ڪابينا 24-2023ع جي فصل لاءِ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪڻڪ لاءِ قرض جي ريٽائرمينٽ: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته خوراڪ کاتو ڪابينا پاران مقرر ڪيل هدف ۽ امدادي قيمت موجب ڪڻڪ جي خريداري ڪندو آهي. ناڻي وارو کاتو رياستي واپار لاءِ بئنڪن کان قرض وٺي ٿو. ڪابينا مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 32 هزار رپيا ماهوار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.   صوبائي ڪابينا سنڌ پروبيشن آف نان ڊيگريڊ ايبل پلاسٽڪ پروڊڪٽس (پيداوار، وڪرو ۽ استعمال) رولز 2014ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن تحت شق 3 جي هيٺئين قانون (5) ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ته گاربيج بيگز کان سواءِ شيڊول ٿيل پلاسٽڪ جون شيون ڪاري رنگ ۾ نه ٺاهيون وينديون ۽ ري سائيڪل ٿيل شيڊول ٿيل پلاسٽڪ ‘ريسائيڪل ٿيل پلاسٽڪ-کاڌي لاءِ غير محفوظ“ جي طور تي نشان لڳايو ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.