ڪراچي( رپورٽر) سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ عاصمه جهانگير پينل ڪامياب ٿي ويو آهي. عاصمه جهانگير گروپ جو شهزاد شوڪت سپريم ڪورٽ بار جو صدر بڻجي ويو. حامد خان گروپ جو عبدالقدوس هارائي ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ حامد خان گروپ کي سرسي حاصل ٿي آهي، جڏهن ته عاصمه جهانگير جي اميدوار کي گهٽ ووٽ مليا آهن. سنڌ ۾ پروفيشنل گروپ ( حامد خان) جي ميان عبدالقدوس 193 ووٽ کنيا، جڏهن ته انڊپينڊنٽ گروپ( عاصمه جهانگير) جي شهزاد شوڪت 168 ووٽ حاصل ڪيا. نائب صدر جي عهدي لاءِ سميع فيض دراني 177 ووٽ حاصل ڪيا . عابده پروين چنڙ کي 36 ۽ سيفي علي خان کي 23 ووٽ مليا . سيڪريٽري جي عهدي لاءِ سلمان 211 ووٽ حاصل ڪيا. جڏهن ته علي عمران 134 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. سڄي ڏينهن جاري پولنگ ۾ 437 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جڏهن ته 18 ووٽ رد ڪيا ويا. سنڌ ۾ ڪل 676 رجسٽرڊ ووٽر آهن . ڪراچي ۾ 501 رجسٽرڊ ووٽر آهن .