پاڪستان ۾ ٻولين جي گهڻائي اسان جي ڪمزوري نه پر طاقت آهي:پاڪستان ادبي ميلو

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکر ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي گڏيل سهڪار سان ٻن ڏينهن واري ”پاڪستان لٽريچر  فيسٽيول 2023 سکر چيپٽر“ جي ٻئي آخري ڏينهن تي سنڌي ادب ۾ تجربن جي موضوع تي پهرين سيشن ۾ بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو، زبيده بجاراڻي ۽ طارق قريشي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته نظامت (ماڊريٽر) جا فرض ممتاز بخاري سرانجام ڏنا، ناليواري شاعر اديب ڊاڪٽر ادل سومرو ڳالهائيندي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙي شاعري ڪنهن به ناهي ڪئي، شيخ اياز ٻه ٽي تجربا ڪيا، سنڌي ادب تي ڪم ٿي رهيو آهي، زبيده برفت چيو ته 21 هين صدي جو ادب اڳتي وڌي رهيو آهي، ان ڪري رستو هموار ٿيندو پيو وڃي ، اسان وٽ اهڙا ادارا ناهن، جتي سنڌي ادب تي بحث ٿي سگهي، اڄ جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سنڌ جي تاريخ پڙهن، طارق قريشي چيو ته اڄ جو نوجوان ادب ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو، ٻئين سيشن ۾ اردو جي موضوع تي سنڌ ۾ سماجي حوالي سان هڪ بحث منعقد ڪيو ويو، ڊاڪٽر ضياءُ الحسن چيو ته سنڌ جي شاعرن سنڌي، سرائيڪي، ريخته ۽ اردو زبان ۾ سڀ کان وڌيڪ شاعري ڪئي آهي، نامياري شاعره ڊاڪٽر فاطمه حسن چيو ته برصغير ۾ اردو شاعرن جي روايت تمام پراڻي آهي ۽ سچل سرمست کان اڳ به ڪيترن ئي نامور شاعرن اردو ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو آهي، ان موقعي تي هن شاعري به ڪئي، ڊاڪٽر نجيبه عارف ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سموريون ٻوليون قابل آهن، پاڪستان ۾ ٻولين جي گهڻائي اسان جي ڪمزوري نه پر اسان جي طاقت آهي، اختر. درگاهي چيو ته سنڌ اردو ٻولي جي پيداوار جو پهريون نقطو آهي، امير خسرو، بابا فريد ۽ سچل سرمست سنڌ جا عظيم شاعر آهن، ٽئين سيشن سنڌ جي ابتدائي تعليم جي موضوع تي صادقه صلاح الدين چيو ته تعليمي ادارن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب ڇوڪرين کي تمام گهڻا مسئلا درپيش آهن، اسڪولن جو معيار بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، امتياز حسين ڦلپوٽو چيو ته سنڌ ۾ وڏا وڏا اسڪول ٺهيل آهن پر عملي طور تي انهن تي ڪو به ڪم ناهي ڪيو ويو، ڪبير قاضي چيو ته اسان جي بجيٽ ۾ ٻه حصا آهن، هڪ حصو پگهارن لاءِ وقف آهي، جنهن سان نان سيلري بجيٽ عوام کي متاثر ڪري ٿي، اسان جي پاليسي ميڪرز کي گهرجي ته بجيٽ جي درستگي لاءِ قدم کڻن، گڏوگڏ ورهاست کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي تربيت تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جا شاگرد جديد تعليم سان آراسته ٿي سگهن، جنيد سمون چيو ته سماجي روين جي ڪري ڇوڪرين کي تعليم کان محروم رکيو وڃي ٿو، چوٿين سيشن سنڌ زرعي اقتصاديات سنڌ هاري تحريڪ تي ڳالهه ٻولهه ڪندي محمود نواز شاهه چيو ته پاڪستان ۾ زراعت جي شعبي کي سمجهڻ جي وڏي ضرورت آهي، ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ هاري خودڪشي ڪري رهيا آهن، اسان جي ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن پاليسيون تبديل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي، گڏوگڏ ملڪي معيشت کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي، هڪ سٺي فارمنگ سسٽم بابت اسان جي حڪومت کي سوچڻ گهرجي، اسان جا ننڍڙا هاري پنهنجي زمين وڪرو ڪري شهرن ڏانهن وڃي رهيا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.