نارا ڪئنال ۾ ٻيڙي اونڌي،6 ڄڻا ٻڏي ويا

خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي ناري تعلقي جي کنهواري ٿاڻي جي حد ڳوٺ چڀڙ شر جي رهواسي 11 ماڻھن سان ڀريل ٻيڙي  نارا ڪينال ۾ اونڌي ٿي پئي  ٻيڙي سوار جو تعلق شر برادريء سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي اڍوئي پتڻ تان ٻيڙي ڪراس ڪري مائٽن جي شادي پروگرام تي وڃي رهيا هئا ته اوچتو ٻيڙي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڇهھ ماڻھو گم آھن جن ۾ راجا ،بخش علي، ڏاڏ، معرو، سالڪ، بخش علي شر شامل آھن جن جي ڳولا جاري آھي جڏهن ته پنجن ماڻھن کي زندهه حالت ۾ ڪڍيو ويو آھي باقي ڇهن ماڻھن جي ڳولا جاري آھي جن جي اڃا فوت ٿيڻ جي ڪابه تصديق ناهي ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.