ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي دائريڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ذاتي حيثيت سان طلب ڪري ورتو آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته لياقت آباد ۾ غيرقانوني اڏاوت ڊاهڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي .25نومبر 2022ع جواب داخل ڪري رهواسين کي بيدخل ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو .هن مهل تائين ڪابه رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي .14نومبر تائين آفيسرپيش ٿي وضاحت نه ڏنا ته سخت ڪاروائي ڪئي ويندي .