مرتضيٰ وهاب کي چونڊ ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي نائب امير راجه عارف سلطان ڪراچي جي ميئر کي ننڍي چونڊ کان  روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي .درخواست ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن ،ريجنل اليڪشن ڪمشنر ،3يوسي جي رٽرننگ آفيسر ۽ مرتضيٰ وهاب کي ڌرٺاهيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جيستائين آئيني درخواست جو فيصلو نه اچي تيستائين ننڍي مڪاني چونڊ روڪي وڃي .

اولهه ڪناري مان فلسطينين جي جبري بي دخلي قبول ناهي: فرانس

پيرس (م ڊ)فرانس اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته اولهه ڪناري ۾ فلسطيني شهرين جي يهودي آبادڪارن هٿان قتل عام قبولڻ  جوڳو ناهي. سعودي خابرو اداري مطابق فرانس جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ساويه ۽ قصره ۾ فلسطيني شهرين تي يهودي آبادڪارن جي حملن جي مذمت ڪئي آهي.

صنم جاويد طرفان آءِ جي پنجاب سميت ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ ناصاف جي ڪارڪن صنم جاويد جي آئي جي پنجاب  سميت ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت جي درخواست تي  نوٽيس جاري ڪندي 3 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي . جسٽس علي باقر نجفي صنم جاويد جي توهين عدالت  جي داخل درخواست تي شروعاتي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ آءِ جي پنجاب  ، سي سي پي او لاهور سميت ٻين پوليس آفيسرن کي ڌر بڻايو ويو آهي .

زخمي فلسطينين کي مصر منتقل ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو

قاهره (م ڊ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ يونيسيف جي هڪ وفد  اتر مصر جي شهر العريش جو دورو ڪيو ۽ صحت ۽ آبادي واري وزارت ۽ مصري هلال احمر سان سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. سعودي خابروا داري مطابق ڳالهين جو مقصد ٻارن لاءِ صحت جي سهولتن جي تياري ۽ زخمي فلسطينين کي طبي بنيادن تي ڪڍڻ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ هو. هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وفد العريش ۾ انساني امداد جي فراهمي جي صلاحيت کي وڌائڻ تي پڻ ڳالهيون ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.