مڇر ڪالوني وارو علائقو غير قانوني ڌارين جي پناهه گاهه بڻيل

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي مڇر ڪالوني وارو علائقو غير قانوني ڌارين جي پناهه گاهه بڻجي ويو  غير قانوني افغاني ڦرلٽ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ چورين ۾ ملوث آهنڪراچي جي ڊاڪس ٿاڻي جي حدن ۾ واقع مڇر ڪالوني ۾ پرڏيهي شهرين، افغانين، بنگالين جو وڏو انگ موجود آهي.جن جا پاڪستاني شناختي ڪارڊ به ٺهيل آهن ۽ انهن ماڻهن مڇر ڪالوني ڪالوني ۾ ملڪيتون به خريد ڪيون آھن پر ڊاڪس ٿاڻي جي پوليس اڃا تائين مڇر ڪالوني ۾ گرينڊ آپريشن نه ڪيو آھي، پوليس کي چڱي ريت خبر آھي ته مڇر ڪالوني ۾ غير قانوني افغاني ۽ بنگالي برمي آھن. پر ڊسٽرڪٽ ڪياماڙي پوليس اڃا تائين ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان  نه ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.