ميرپورخاص/سنڌڙي(نمائندا) ميرپورخاص لڳ ڦلهڏيون جا رهواسي غلام مصطفيٰ آرائين ۽ سندس نوجوان ڀاڻيجي رضوان آرائين جي سستي اگھن تي وين خريد ڪرڻ جي لالچ ۾ مبينا اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب مبينا هرکجي اغوا ٿي ويل مامي ڀاڻيجي فيس بڪ تي سستيون وينون وڪرو ٿيڻ جو اشتهار ڏسي وين مالڪن جي ڏنل موبائيل نمبرن تي رابطو ڪري وين جي خريداري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ته کين وين وڪرو ڪندڙن پاران پئسن سميت صادق آباد اچي ملڻ جو چيو جنهن تي مامو ڀاڻيجو گھران 10 لک رپيا روڪ ساڻ ڪري ڇنڇر ڏينهن صادق آباد لاءِ روانا ٿيا ۽ صادق آباد پهچڻ تائين پنهنجن وارثن سان موبائيل فون ذريعي رابطي ۾ رهيا جنهن بعد سندن موبائيل فون بند ٿي ويا ذريعن موجب وارثن پاران وين جي خريداري لاءِ ويل مامي ڀاڻيجي سان بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي 24 ڪلاڪن تائين رابطو نه ٿيڻ تي مبينا هرکجي اغوا ٿي ويل مامي ڀاڻيجي جي اغوا جو شڪ پوڻ تي وارثن پاران حد جي ڦلهڏيون ٿاڻي تي رابطو ڪري سندن اغوا جي شڪ جي اطلاع ڏني ويئي آهي ان حوالي سان مبينا طور هرکجي اغوا ٿي ويل غلام مصطفيٰ جي والد ۽ رضوان جي ناني عمير آرائين صحافين کي ٻڌايو ته مصطفيٰ ۽ رضوان کي سستي وين وڪرو ڪري ڏيڻ جي بهاني سان گھرائي اغوا ڪيو ويو آهي اسان اهڙي اطلاع حد جي ڦلهڏيون ٿاڻي تي به ڏني آهي پوليس ڪيس داخل نه ڪري رهي آهي. ٻي طرف پوليس موجب اغوا جو واقعو اسان جي حد ۾ نه ٿيو آهي واقعو پنجاب صوبي ۾ ٿيو آهي اغوا جو ڪيس به اُتي ٿيندو جڏهن ته سندن آخري لوڪيشن پڻ صادق آباد ۾ ظاهر ٿي آهي.