اسلام آباد (عوامي آواز گروپ ) سپريم ڪورٽ بار جون اڄ چونڊن ۾ عاصمه جهانگير گروپ جي وڪيل شهزاد شوڪت ۽ حامد خان گروپ جي ميان عبدالقدوس ۾ صدارت جي عهدي تي مقابلو ٿي رهيو آهي، نامياري صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته حامد خان گروپ جي عبدالقدوس کي پي ٽي آءِ جي حمايت حاصل آهي. جڏهن ته شهزاد شوڪت جي (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي مدد ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ بار جو سرگرميون ملڪي ۽ عدالتي سياست سان جڙيل رهيون آهن، ان ڪري چونڊن ۾ سياسي پارٽيون به دلچسپي وٺي رهيون آهن، اطلاع آهن ته علي احمد ڪرد هن ڀيري حامد خان گروپ کي ووٽ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته عابد ساقي گروپ شهزاد شوڪت کي ووٽ ڪري رهيو آهي. گذريل ڀيري عابد زبيري کي کٽرائڻ ۾ بئريسٽر حسان نيازي جو وڏو ڪردار هو هن ڀيري اهو نه آهي. ان هوندي به لاهور جا ووٽ فيصلائتا هوندا. سيڪريٽري شايد ساڳيو اميدوار ٻيهر ڪامياب ٿي وڃي. ايڊيشنل سيڪريٽري لاءِ شايد لطيف کوسا جو پٽ ڪامياب ٿي وڃي. شهزاد شوڪت جي ڪاميابي لاءِ نظر نه ايندڙ قوتون به ڳجهه ڳوهه ۾ ڪوششون ڪري رهيون آهي، ٿي سگهي ٿو منير اي ملڪ، ٻيا سينيئر وڪيل به شهزاد شوڪت جي مدد ڪن، ان ڪري بظاهر مقابلو سخت آهي. ان هوندي به شهزاد شوڪت ڪافي محنت ڪئي.
مريد عباس قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي
ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ جي عدالت ۾ بول ٽي وي جي اينڪر پرسن مريد عباس قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي .عدالت ڪيس جي اهم شاهد عمرريحان جو بيان وڊيو لنڪ جي ذريعي رڪارڊ ڪرڻ واري درخواست منظورڪري ورتي آهي ،.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٽيڪنالوجي جي جدت اچي وئي آهي وڊيو لنڪ جي ذريعي بيان رڪارڊ ٿي سگهجي ٿو .ڪيس ۾ جوابدار عاطف زمان جيل ۾ آهي .هڪ جوابدار روپوش آهي جوابدارعاطف زمان جولاءِ 2019ع ۾ فائرنگ ڪري مريد عباس کي قتل ڪيوهو .