غزا(م ڊ) اسرائيلي جارحيت غزه کي معصوم ٻارن جو قتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي، 7 آڪٽوبر کان وٺي غزه ۾ 3 هزار 195 ٻار شهيد ٿي چڪا آهن.عرب ميڊيا موجب 1000 گم ٿيل ٻارن جي ملبي ۾ دفن ٿيڻ جو خدشو آهي.ٻارن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ ڪم ڪندڙ بين الاقوامي تنظيم سيو دي چلڊرن جي هڪ آفيسر جو چوڻ آهي ته جنگ بندي تي اتفاق نه ٿيڻ تائين غزه ۾ وڌيڪ ٻار مري ويندا.وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي عالمي ميڊيا مئنيجر سيو دي چلڊرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هي جاني نقصان جي لحاظ کان 2019 کان پوءِ بدترين سال آهي، هي جاني نقصان غزه جي صورتحال جي سنگيني کي ظاهر ڪري ٿو.”اسان کي ٻارن لاءِ جنگبندي تي راضي ٿيڻو پوندو پشاور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪامران بنگش جي ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پر پوليس کيس ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.