راولپنڊي(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته آهي ته نوَ مئي لعنتي پروگرام هو جنهن به ڪيو غلط ڪيو. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته لال حويلي ذاتي ملڪيت آهي، اتان منهنجي والدين ۽ ڀائرن جا جنازا نڪتا آهن. هن چيو ته سي پي او جي خبر آهي ته 17 سپٽيمبر کان 22 آڪٽوبر تي ڪٿي هيس. شيخ رشيد چيو ته ٽيهه ڪلو وزن گهٽجي ويو آهي اڄ ڪاليج جو ڪورٽ پاتو آهي، دعا ڪيو منهنجي سرجري نه ٿئي، جيڪڏهن سرجري ٿئي ٿي ته سڀ مون کي معاف ڪريو. هن چيو ته ڪڏهن به فوج خلاف ناهي ڳالهايو، نوَ مئي لعنتي پروگرام هو جنهن به ڪيو غلط ڪيو.
شيخ رشيد جي ريل پراڻي پٽڙيءَ تي اچي وئي
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جي ريل پراڻي پٽڙيءَ تي اچي وئي آهي. نامياري صحافي عاصمه شيرازي موجب شيخ رشيد انٽرويوءَ ۾ به ايترو کليل نموني عمران خان کان مفاصلو اختيار نه ڪيو هو پر گذريل ڏينهن واضح لفظن ۾ 9 مئي واقعن جي جوابدارن کي لعنتي سڏي هن عمران خان کان بلڪل علحدگي جو ڄڻ اعلان ڪيو، هن جي بقول چلو ڪاٽڻ سان نئون شيخ پيدا ٿيو آهي، اسان جي نظر ۾ چلو ڪاٽڻ کانپوءِ پراڻو شيخ رشيد پنهنجي اصل پٽڙيءَ تي واپس اچي ويو آهي.