ڪراچي ۾ نگليريا سبب هڪ وڌيڪ نوجوان حياتي وڃائي ويٺو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾نگليريا وائرس سبب هڪ ٻيو نوجوان حياتي وڃائي ويٺو.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب نارٿ ڪراچي جو رهواسي 22 ورهين جو محمد ارسل 27 آڪٽوبر کان خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. محمد ارسل جي پي سي آر ٽيسٽ نگليريا لاءِ هاڪاري آئي آهي.سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته هن سال سنڌ ۾ نگليريا سبب فوتين جو انگ 10 ٿي ويو آهي.

غزاکي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ ڏوهه جي برابر سمجهو ويندو : عالمي فوجداري عدالت

قاهره (م ڊ ) عالمي فوجداري عدالت (آئي سي سي ) چيو آهي ته غزه کي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ ان جي ڌائري اختيار تحت ڏوهه  جي برابر سمجهي سگهجي ٿو . برطانوي اخبار مطابق آئي سي سي جي اعليٰ پراسيڪيوٽر ڪريم خان گذريل ڏينهن رفع بارڊر ڪراسنگ جي دوري دوران مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته شهرين کي بنيادي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ گهرجن .

ڪيراله جي مسيحي ڪنونشن سينٽر ۾ ڌماڪن سبب 3 ڄڻا فوت، 52 زخمي

ڪوچي(م ڊ) ڀارت جي رياست ڪيراله ۾ هڪ مسيحي مذهبي ڪنونشن سينٽر ۾ ٿيل ڪيترن ڌماڪن ۾ هڪ عورت سميت 3  ڄڻا فوت ۽ 52 زخمي ٿي پيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ارناڪولم جي ڊسٽرڪٽ ڪلڪٽر اين ايس ڪي اميش ٻڌايو ته اهو ڌماڪو گذريلي ڏينهن صبح ڪوچي جي علائقي ڪالامسري ۾ هڪ مسيحي مذهبي جي زمره انٽر نيشنل ڪنونشن سينٽر ۾ ٿيو. هن زخمين جي حوائي سان ٻڌايو ته 10 ڄڻن کي ڪالامسري ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو آهي ۽ انهن مان 2 ڄڻا جيڪي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ سڙي چڪا آهن

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران  فرح گوگي جي درخواست تي ٻڌڻي کان لاچاري

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ويجهي ساٿياڻي  فرح شهزاديءَ جي ٻارن جا نالا اي سي ايل لسٽ مان خارج ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ذاتي سببن جي بنياد تي ٻڌڻي کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي ۽ درخواست ڪنهن ٻي بئنچ ۾ ٻڌڻي لاءِ ڪيس جي فائيل چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.