اسلام آباد(بيورو+م ڊ)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي ته ڌرڻو ۽ احتجاج سردار اختر مينگل ۽ سندس پارٽي جو حق آهي، اسان انهن سان ڳالهين ڪنداسين ۽ محدود مينڊيٽ سان جيڪو به ٿي سگهيو ڪنداسين، پارليامينٽ مڪمل ٿي وڃي ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي بامقصد بحث هئڻ گهرجي. سومر ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر ميان رضا رباني جي اعتراض واري نُڪتي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي جا مختلف ڪارڻ آهن، بلوچستان ۾ ته بي ايل اي، بي ايل ايف، لشڪر بلوچستان شرپسنداڻي سرگرمين ۾ ملوث رهيون آهن ۽ انهن عام شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن خلاف ڪارروايون ڪيون آهن. ڪوئيٽه ۾ جيڪي ماڻهو سؤ سالن کان آباد آهن، انهن کي مجبورن هتان لڏپلاڻ ڪرڻي پئي آهي، استادن، ڊاڪٽرن ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي به نشانو بنايو ويو آهي قانون تحت ڪنهن کي به پرائيويٽ لشڪر رکڻ جي اجازت ناهي.رياست ڊيٿ اسڪواڊ جي سرپرستي نه پئي ڪري، هن چيو ته ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي چونڊ مهم طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، بلوچ عوام جي جيڪڏهن ڪنهن کي تڪليف آهي جڏهن هو حڪومت جو حصو هئا تڏهن کين آواز اُٿارڻ گهرجي ها.