گڏيل قومون (م ڊ) اسرائيل جي حملن جي نتيجي ۾ غزا ۾ معصوم ٻار هڪ بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. گڏيل قومن مطابق غزه م تباهه ڪن صورتحال آهي ۽ اهڙي صورت ۾ معصوم ٻارن کي پيئڻ لاءِ کارو پاڻي ملي رهيو آهي. يونيسيف چيو آهي، ته غزه پٽي تي پاڻي جي کوٽ غيرمعمولي حد تائين پهچي وئي آهي. امداد غمه جي پٽي ۾ داخل ته ٿي رهي آهي پر اها سڀ کان هيٺين سطح تي آهي ۽ جيڪڏهن زميني صورتحال کي ڏسجي ته وڌيڪ امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته فوري جنگ بندي جي پڻ ضرورت آهي، روز ٻار فوت ٿي رهيا آهن، اسان کي اهڙي قتل عام کي روڪڻو پوندو