رائونتي جي ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، نوجوان قتل

اوٻاوڙو/ رائونتي (ن ع آ) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان قتل ٿي ويو، ڪچي ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ڳوٺ حاجي فيضو شر جو رھواسي نوجوان عبدالغفار پٽ مجيد شر ڳوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو نوجوان قتل ٿيڻ بعد علائقو ميدان جنگ ۾ تبديل ٿي ويو عام ماڻهو خوف مان گهرن تائين محدود ٿي ويا،آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس اي پي سي مشين ساڻ ڪري جهيڙي واري ھنڌ پهچي جهيڙي تي ڪنٽرول ڪيو ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ کان ٻنهن ڌرين کي بچائي ورتو، ميرپورماٿيلو اسپتال مان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.