دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو ويجهو عورتن ۽ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي ۾ نوجوان مارجي ويو، هڪ عورت زخمي ٿي پئي، ڳوٺ سعيدآڻڪو پوٺو ۾ گهريلو عورتن ۽ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ نوجوان مارجي ويو، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي، مارجي ويل نوجوان جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو آندو ويو جنهن جي سڃاڻپ 18 سالا سجاد پٽ محمد پنهور طور ٿي، جڏهن ته زخمي عورت جي سڃاڻپ بسران ڌيءَ محمد ابراهيم پنهور طور ٿي، پوليس قتل ۾ ملوث نوجوان شاهنواز عرف شانو پٽ شفيع محمد عرف شفو پنهور کي موقعي تان پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، نوجوان جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته عورتن ۽ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو وڌي ويو ۽ نوجوان قتل ٿي ويو.