ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ قمبر واسي نوجوان قتل ٿي ويو، سندس ٻه دوست زخمي ٿي پيا. گلشن معمار ٿاڻي جي حد گلشن معمار جي علائقي پلاٽ نمبر ايس بي 19 ٿرڊ فلور سيڪٽر ايڪس 4 ڀرسان نواز شريف پارڪ ۾ رات دير سان معمولي ڳالھه تان جهيڙي تان قمبر واسي نوجوان قتل ٿي ويو، سندس 2 دوست زخمي ٿي پيا. قمبر واسي مقتول عادل جاگيراڻي پٽ اشرف جاڳيراڻي جو لاش ۽ زخمي ٿيل عديل پٽ عبدالرحيم ۽ شير خان ولد احسن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو, وارثن موجب جوابدار عباس شاھه ٻارن کي پارڪ مان ڪڍيو، جنهن تي نوجوان عادل جاگيراڻي منع ڪيو, جوابدار عباس شاھه ۽ اعجاز شاھه ڪلاشنڪوف سان فائر ڪري نوجوان کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته پوليس جوابدار عباس شاھه ۽ اعجاز شاھه کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب معاملي جي جاچ هلي رهي آهي.