اسلام آباد ( م ڊ ) عالمي تنظيم فريڊم نيٽورڪ پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ قانون سازي باوجود صحافين خلاف ڏوهن کي روڪڻ ۾ ناڪام قرار ڏنو آهي. فريڊم نيٽ ورڪ پاران جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن وٽ صحافين جي تحفظ لاءِ قانون سازي آهي، ان جي باوجود پاڪستاني رياست صحافين خلاف ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ان قانون سازي کي استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ گذريل 2 سالن دوران صحافين جي اغوا، تشدد ۽ بغاوت جي اڻ ثابتي الزامن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي. عالمي اداري رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ صحافين خلاف ڏوهن جا سڀ کان وڌيڪ واقعا اسلام آباد ۽ سنڌ ۾ ٿيا آهن.