ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي سعود آباد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ چار ڦورو مارجي وياجڏهن ته پوليس اھلڪار سميت 3 ماڻھو زخمي ٿي پيا، شادمان ٽائون سعود آباد ۾ واقع جمع بازار جي ڀرسان مبينا پوليس مقابلو ٿيو جنهن ۾ چار ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس اھلڪار حنيف سميت 3 ماڻھو زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق زخمي شھرين جي سڃاڻپ برير عباس ۽ زاھد حسين جي نالي سان ٿي آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل ڦورو شھرين کان ڏينهن ڏٺي ڦر مار ڪري رھيا ھئا، جڏهن پوليس اتي پھتي ته ڦورن فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ملزم مارجي ويا، ڦورن جي فائرنگ ۾ پوليس اھلڪار حنيف ۽ 2 شھري برير عباس ۽ زاھد حسين زخمي ٿي پيا، ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 4 رڪني گينگ شهرين کي ڦري رهيو هو، جڏهن پوليس پهتي ته ڦورن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ چار ئي جوابدار مارجي ويا، جوابدارن وٽان 32 موبائل فون، چوري جو سامان، هٿيار ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.