سڀني سياسي جماعتن کي گڏجي جمهوري نظام مضبوط ڪرڻ گهرجي

تحرير: امتياز عالم

ھاڻي ان الميي جو ڇا ڪجي جو لاڏلا بدل سدل ٿيندا رھندا آھن. اکين جو تارو ڪڏهن اکين جو تير بڻجي ٿو، ان ۾ ڪيتري دير لڳندي آهي.اھي منظر ھي گناھگار اکين بقول سهيل وڙائچ  موجب مملڪت تضادستان ۾ ڪڏھن کان ڏسندي اکيون پٿرائي ويون آھن.

ان ڊگھي ٽريجڊي وانگر ان جي ڪاميڊيز  جي به ڪو انت ناهي. هي تضادستان واري ڳالھه عام آهي، هر رياست ۽ سماج تضادن جو مجموعو ھوندو آهي، انھن تضادن کي برقرار رکڻ واريون  قوتون  اسٽيٽسڪو جون حامي سڏبيون آھن ۽ جيڪي قوتون انهن تضادن جو عوام دوست حل چاهين ٿيون، انهن کي ”تبديلي“ جون قوتون چيو وڃي ٿو. پر ”تبديلي“ رجعت پسندي به ٿي سگهي ٿي يا ماضيءَ جي ڪنھن سونهري خواب  جي يادن جي عملي تعبير  يا ابن ڏاڏن جي دور ڏانهن موٽڻ جي تمنا به ٿي سگهي ٿي.

جيڪا تاريخ جي ڦيٿي کي ابتو ڦيرائڻ جي خواهش تھ ٿي سگهي ٿي،پر تبديلي نه آھي. تبديلي تھ اها آهي جيڪا موجوده حالتن جي رڪاوٽن ۽ بنيادي تضادن جو حل پيش ڪري ٿي ۽ تاريخي عمل کي اڳتي وڌائي ٿي، پر اسان وٽ تھ فڪري ڏڪار  ايترو عام آهي جو ارتقا جي نظريي جي سچائي کي بيان ڪرڻ وارن کي مذھب جي توهين جو ڏوھي قرار ڏئي ڪري  ھر طرح جو  نشانو بڻايو وڃي ٿو. ڪليسا پڻ گليلو جي سائنسي انڪشافن  تي اعتراض ڪيا هئا، پر زمين فليٽ نه ٿي سگهي، جھڙي بيھڪ ۾ بيضوي ھئي اھڙي ئي رھي.

پر ڳالھه تھ  شروع ٿي ھئي ان لاڏلي کان جيڪو هڪ هيرو هو،محبوب ھو ۽ نھ ڄاڻ ڇا ڇا هو جيڪو ذوق جمال ۾ اچي سگھي ٿو.جي ھا !  اسان عمران خان جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، جنھن جي ذڪر کانسواءِ پاڪستاني سياست جو ذڪر ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي. ڀٽي صاحب جي نالي تي بھ جنرل ضياءُ الحق جي اونداهي دور ۾ پابندي لڳائي وئي ھئي، پوءِ سنگتين  تنقيد جي آڙ ۾ سندس نالو کڻڻ  شروع ڪيو، تھ پوءِ اخبارن جا صفحا خالي ٿيڻ لڳا، پر صبح ۽ شام ذڪر يار ئي جاري رهيو. ڪجهه اهڙو ئي حال پي ٽي آءِ جي چيئرمين سان به ٿي رهيو آهي. ڪوبه ٽي وي شو هن جي  ذڪر بنا ٿيندو ناهي،پوءِ بھ پابندي ؟ ڄڻ ته سويلين جي حق ۾ سول نافرماني.

چونڊن جي تاريخ ھجي، سياست ۾ ليول پلئنگ فيلڊ ھجي، چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي نوازشريف جي خواهش ھجي، انصاف جي ساھمي جي ڳالھھ ھجي ، ادارن جي آئيني دائري ۾ رھڻ هجي يا ان کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪھاڻي هجي، جمھوريت ۽ ان جي مستقبل تي اڳڪٿيون ھجن يا وري  معيشت ۽ ثقافتي آلودگيءَ، ڪو به موضوع کڻو، تان عمران خان تي ئي ٽٽي ٿي، آخر اهڙي ڪھڙي ڳالھھ آھي جو ھي عمراني ڪمبل جان ئي نھ پيو ڇڏي، هي طاقتورن جي گناهن جو ميوو آهي يا نئين نسل جي محرومين جي ڪنفيوزد آدرشن جو سراب  يا نه سلجھندڙ  تضادن جو الميو؟

پاڪستان جي تاريخ به عجيب آهي. نيم نوآبادياتي طرز جي مقتدرھ  ھڪ ھٽي ۽ بي واھ  عوام جي بيزاري، ان تضادستان جو بنيادي تضاد آهي ۽ ان کي حل ڪرڻ جو ڪو به رستو ڪٿان کان نظر نٿو اچي. اسان جي تاريخ جو آمراڻو باب جيڪڏھن گھڻو ڊگهو آهي ته ان خلاف عوامي ۽ قومي مزاحمت جي تاريخ به ڊگهي آهي. مقابلو سخت رهيو آهي، ڪڏهن هڪ جي شڪست ته ڪڏهن ٻئي جي فتح. اهو چوڻ درست ناهي ته پاڪستان عوامي امنگن جو قبرستان آهي. ڇا اوڀر پاڪستان جي ماڻهن آزاديءَ حاصل نھ ڪئي هئي؟ ڇا ايوب خان جي آمريت  جي خلاف جمهوري جدوجهد ڪامياب نه ٿي ھئي ۽ عوام کي 33 سالن کانپوءِ به ووٽ جو حق نه مليو ھو ؟ ۽ پوءِ 1973ع جي آئين جو عمراني معاهدو نه ٿيو ھو؟ جنهن جي بار بار ڀڃڪڙين جي باوجود اڄ به اهو آئين عمل ۾ آهي، جنهن تي قائم رهڻ ۽ ان جي اندر رهڻ جي پڪار چوڌاري ٻڌڻ ۾ اچي پئي، اسان ھر آمر جي ٽپڙڻ کي ويڙھجندي ڏٺو آهي ۽ ھر ڀيري عوام جي اڳواڻن کي سولي تي چاڙھڻ باوجود  انھن کي ڪامياب ٿيندي ڏٺو آھي، پر ڪنهن به فوجي آمر جو نالو وٺڻ وارو نھ آھي.

عمران جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي به بي ترتيب تضادن جو مجموعو آهي جيڪا سلجھندي نٿي سلجھي.

جيڪڏهن نوازشريف جو سياسي بُت ٺاهيو ويو ھو  ته  عمران کي بھ لاڏ ڪوڏ مان  آسمان تي چاڙھيو ويو ھو.

عمران جو سياسي عروج  رڳو مقتدره جي انجنيئرنگ جو ڪارنامو هو، پر هو عالمي سطح تي مختلف ملڪن ۾ قومي رد عمل جي ماحول ۾ پيدا ٿيو، ساڄي ڌر جي  فسطائي طرز جي جلالي ليڊرز جيان ئي  اڀري سامھون آيو.اسٽيٽس ڪو کان تنگ ۽ پراڻي دور جي سياسي قيادت کان بيزار ٿي، نئين نسل کي ۽ خاص ڪري وچولي طبقي جي ”تبديلي“ جي خواهش، پاپولسٽ ۽ نرگسيت پسند عمران کي سٺو موقعو ڏنو.

هو ٽرمپ ۽ اھڙي طريقي جي  ٻين آزاد خيال لبرل اڳواڻن وانگر اڀري آيو ۽ سوشل ميڊيا جي زور تي ڇائنجي ويو.مٿان وري سندس حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ جو ڊرامائي منظر، ٻاهرين ملڪن جي مداخلت وارو بيانو ھن کي وڏو ڪم آيو. پر عمران خان جي مغروريت ۽ آمرانه روش ۽ سياسي مھم جوئي جي ھٿان  هو خود ۽ تحريڪ انصاف وڏي مصيبت ۾ ڦاسي ويا. هن سان اھو ئي ٿي رهيو آهي، جيڪو هن مقتدرھ  سان گڏجي پنهنجي مخالفن سان ڪيو ھو. ان ڪري سندن مظلوميت  جو اخلاقي جواز ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ٻئي طرف جيڪي ڪالھه تائين عبرت جو نشان ھئا ۽ انھن سان اھو ئي ڪيو پيو وڃي جيڪو عمران کي 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائي ڪيو ويو ھو.

نتيجي ۾ سموري سياست پنهنجو اخلاقي جواز وڃائي ويٺي آهي، پر جيڪو ڪالهه غلط هو، جيڪڏهن اڄ ورجايو پيو وڃي تھ درست نھ آھي. ان ڪري جيڪو سلوڪ ماضي ۾  چونڊيل وزيراعظمن سان ڪيو ويو، جيڪو ناجائز هو. هاڻي اھو ئي سلوڪ اڄ عمران خان سان ڪرڻ جي عمل تي ڪو بھ جمھوريت پسند ان جي حمايت نٿو ڪري سگھي.

ھاڻي جڏهن اسان چونڊن جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ان لاءِ ضروري آهي ته سمورن سياستدانن ۽ پارٽين کي برابر جا موقعا حاصل هجن ۽ سموريون پارٽيون منصفاڻين ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ جمهوري فريم ورڪ تي متفق ٿين ته جيئن هن ملڪ جي عوام کي پنهنجا حق استعمال ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ملي.ھاڻوڪي سياسي بحران جو پڻ اھو ئي حل آھي.

ٻي صورت ۾ اسان هڪ سياسي کڏ مان نڪري ٻئي سياسي کڏ ۾ ڪرندا رهنداسين. ڇا  عمران مخالف پارٽيون گڏجي ڪري ھڪ  نئين جمهوري چارٽر تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ھونديون  ۽ ڇا عمران مخالف پارٽيون خان جا گناهه معاف ڪرڻ لاءِ تيار هونديون ؟ اهو ڏکيو آهي پر اهو ٿي سگهي ٿو ۽ ٿيڻ گهرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.