ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل علي لاريجاني جي اسرائيلي حملي ۾ شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي۔ اداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري علي لاريجاني، سندس پٽ مرتضيٰ لاريجاني ۽ ڪائونسل جو ڊپٽي سيڪيورٽي آفيسر علي رضا بيات محافظن جي هڪ ٽولي سان گڏ شهيد ٿي ويو آهي. ايران جي طاقتور خاندانن مان هڪ سان تعلق رکندڙ علي لاريجاني، گذريل ٽن ڏهاڪن کان ايران جي سياست ۾ اثرائتو نالو رهيو، جيڪو مسلسل اقتدار جي ايوانن ۾ موجود رهيو.
اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويل لاريجاني جو پورو نالو علي اردشير لاريجاني هو ۽ هو هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هن مشهور جرمن فلاسافر امانوئل ڪانٽ تي ڪتاب لکيو ۽ ساڳئي وقت پاسدارانِ انقلاب ۾ اهم عهدن تي به ڪم ڪيو. هو پارليامينٽ جي اسپيڪرشپ کان وٺي ايٽمي ڳالهين تائين هر محاذ تي سرگرم رهيو. اسرائيلي حملي ۾ قتل ٿيڻ کان اڳ هو سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري هو. چيو ويندو هو ته عملي طور ايران جي روزاني حڪومت چونڊيل صدر پزشڪيان بدران لاريجاني هلائي رهيو هو. لاريجاني خاندان ايراني سياست ۾ گهڻو اثر رکي ٿو، ۽ مغربي ميڊيا ۾ اڪثر ان جو مقابلو آمريڪي ڪينيڊي خاندان سان ڪيو ويندو آهي۔ لاريجاني کي اڳوڻي ايراني صدر محمود احمدي نجاد جي مخالفن مان شمار ڪيو ويندو هو۔ علي لاريجاني ۽ سندن خاندان جا ٻيا فرد به ايراني قيادت ۾ مختلف عهدن تي فائز رهيا آهن ۽ اهو سمجهيو ويندو آهي ته اهي فيصلا سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن۔
علي لاريجاني 3 جون 1957 ۾ عراق جي شهر نجف اشرف ۾ پيدا ٿيو ۽ 1961 ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ ايران واپس آيو. سندس والد آيت الله ميرزا هاشم آملي هڪ مشهور ديني عالم هو. سندس چار ڀائر به ايراني رياستي ادارن ۾ اهم عهدن تي رهيا۔ صادق لاريجاني مصلحت نظام ڪائونسل جو سربراهه رهيو، جيڪو حڪومت لاءِ اهم صلاحڪاري ادارو آهي۔محمد جواد لاريجاني انساني حقن واري ڪائونسل جو سيڪريٽري رهيو، باقر لاريجاني طبي شعبي ۾ اهم عهدو سنڀالي چڪو آهي۔فاضل لاريجاني اسلامي آزاد يونيورسٽي جو صدر رهيو ۽ ڪئناڊا ۾ سفارتي ذميواريون به نڀايائين۔ علي لاريجاني آيت الله مرتضيٰ مطهري جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جيڪو امام خميني جا ويجهو ساٿي هو۔ جيڪو 1979 واري ايراني انقلاب جي نظرياتي بانيُن مان هڪ هو. لاريجاني جي شخصيت جو هڪ اهم ۽ دلچسپ پهلو سندس تعليمي سفر هو. هن قم جي مدرسي مان روايتي مذهبي تعليم حاصل ڪئي ۽ گڏوگڏ آريامهر يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي مان ڪمپيوٽر سائنس ۽ رياضي ۾ بيچلرز ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن تهران يونيورسٽي مان مغربي فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس تحقيق امانوئل ڪانٽ، ساؤل ڪرپڪي ۽ ڊيوڊ ليوس جهڙن فلاسافرن تي ٻڌل هئي. هن انهن تي ڪتاب لکيا ۽ تهران يونيورسٽي ۾ ادب ۽ انسانيت جي شعبي ۾ تدريسي خدمتون به انجام ڏنيون.
علي لاريجاني 1980ع واري ڏهاڪي ۾ پاسدارانِ انقلاب ۾ شامل ٿيو ۽ ڊپٽي چيف آف اسٽاف جي عهدي تائين پهتو۔ هن اسي واري ڏهاڪي ۾ ايران-عراق جنگ ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون۔1990ع واري ڏهاڪي ۾ هو سياسي ۽ ثقافتي ميدان ڏانهن آيو ۽ پُراڻ پسند ڌڙي سان لاڳاپيل رهيو۔ 1992ع ۾ هو وزير ثقافت بڻيو ۽ 1994 ۾ سرڪاري نشرياتي اداري جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو۔هن ميڊيا کي اسلامي نظريي جي واڌاري طرف آندو۔ هو ڪيترائي ڀيرا سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ مصلحت نظام ڪائونسل جو ميمبر رهيو۔2004ع ۾ هو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جو سيڪيورٽي صلاحڪار بڻيو ۽ چيو ويندو هو ته کيس خامنه اي جو مڪمل اعتماد حاصل هو. 2005ع ۾ صدر محمود احمدي نجاد کيس سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري مقرر ڪيو. جتي هن مغرب سان ايٽمي ڳالهين جي قيادت ڪئي. ان وقت ايران جي ايٽمي پروگرام تي عالمي نظرون هيون، ۽ لاريجاني پنهنجي فني ڄاڻ ۽ سفارتي مهارت جو مظاهرو ڪيو پر صدر نجاد سان پاليسي اختلافن سبب 2007 ۾ هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. 2008ع ۾ هو پارليامينٽ جو ميمبر ۽ پوءِ اسپيڪر چونڊيو ويو ۽ 2020 تائين ان عهدي تي رهيو۔12 سال تائين ان عهدي تي رهيو. هن مختلف سياسي ڌڙن ۾ توازن برقرار رکندي پاڻ کي هڪ تجربيڪار قانون ساز طور مڃرايو. ان عرصي دوران کيس پُراڻ پسند کان وچٿري ڏانهن ويندڙ‘ سياستدان طور ڏٺو ويو. هن ٽي ڀيرا صدارتي چونڊ وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. تجزيي نگارن موجب سخت گير ڌڙو سندس وچٿري روين کي خطرو سمجهندو هو.
2020ع کان پوءِ خامنه اي کيس پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو۔ آگسٽ 2025 ۾، اسرائيل سان 12 ڏينهن واري جنگ کان پوءِ، کيس ٻيهر سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري بڻايو ويو، جڏهن ايران جي فوجي قيادت متاثر ٿي چڪي هئي. جنوري 2026ع ۾ ملڪ گير احتجاج ۽ آمريڪي دٻاءَ وڌڻ تي سپريم ليڊر خامنه اي کيس مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا. آمريڪا 15 جنوري تي مٿس پابنديون لاڳو ڪيون، پر ايران ۾ انهن کي اعزاز طور ڏٺو ويو. 28 فيبروري 2026ع ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ٻيهر حملا ڪيا، جن ۾ ڪيترائي اڳواڻ شهيد ويا، جن ۾ آيت الله خامنه اي نمايان هو۔ان کان پوءِ لاريجاني جا بيان وڌيڪ سخت ٿي ويا ۽ هن چيو ته ايران آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪندو ۽ ڊگهي جنگ لاءِ تيار آهي. نيويارڪ ٽائمز اخبار هڪ رپورٽ ۾ لکيو ته جنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ خامنه اي لاريجاني کي ذميواري ڏني هئي ته هو آمريڪا سان جنگ جي صورت ۾ ملڪ هلائي ۽ ان جي بقا کي يقيني بڻائي۔ فرانسيسي اخبار لي فيگارو به رپورٽ ڏني ته لاريجاني داخلي سطح تي ڪجهه سياسي ۽ سيڪيورٽي تبديلين کي ناڪام بڻايو هو۔ انهن رپورٽن تي ايران طرفان ڪو به سرڪاري ردعمل سامهون نه آيو۔
علي لاريجاني 17 مارچ 2026ع تي پنهنجي پٽ مرتضيٰ لاريجاني، ڪائونسل جي ڊپٽي سيڪيورٽي آفيسر علي رضا بيات ۽ محافظن جي هڪ ٽولي سان گڏ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. لاريجاني جي شخصيت گهڻ رخي ۽ متضاد هئي، هو هڪ پاسي دانشور هو ته ٻئي طرف سخت گير حڪمران. سندس تقريرون ويچارن حوالن سان ڀرپور هونديون هيون، پر سندس فيصلا انتهائي سخت هوندا هئا بهرحال هو هڪ اهڙو اڳواڻ هو جنهن وٽ فيصلا ڪرڻ جي طاقت هئي.
پتنگن پھ ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا۔۔۔