ٽرمپ جي سفارتي اڪيلائپ ۽ ايران جي مفاد جو سوال

تحرير: سيد مجاھد علي

ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کي 17 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر نه ايران جي مزاحمت گهٽ ٿي آهي ۽ نه ئي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪاميابي جون وڏيون دعوائون بند ٿيون۔ هاڻي به هن دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني بحريه جا سئو جهاز ٻوڙي ڇڏيا ويا آهن، پر ساڳئي وقت آمريڪا جي خواهش آهي ته ان جا حليف ملڪ ۽ چين به،آبنائي هرمز کي کليل رکڻ لاءِ بحري فوج موڪلين۔

صدر ٽرمپ چين جي سهڪار نه ڪرڻ تي ان جي مجوزه دوري کي ملتوي ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي، پر چين ان ڌمڪي جو جواب ڏيڻ مناسب نه سمجهيو آهي۔ اهڙي طرح بيجنگ، ٽرمپ جيآبنائي هرمز کي کليل رکڻ ۾ مدد جي درخواست تي به ڪو تبصرو ڪرڻ ضروري نه سمجهيو۔ ان حوالي سان هڪ سوال تي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان صرف اهو مطالبو ورجايو ته هي ناجائز جنگ بند ڪئي وڃي۔ ساڳي ريت يورپي ۽ ٻين آمريڪي حليف ملڪن به هن منصوبي جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪيو آهي۔ برطانيا واضح ڪيو آهي ته هي اسان جي جنگ ناهي ۽ نه ئي ان ۾ شامل ٿيڻ برطانيا جي مفاد ۾ آهي۔ البته آبنائي هرمز جي تحفظ بابت وزيراعظم ڪئير اسٽارمر محتاط بيان ڏنو ۽ چيو ته عالمي معيشت جي بهتري ۽ روس کي هن جنگ مان فائدو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ هن سامونڊي رستي جو کليل رهڻ ضروري آهي، پر اهو ڪم آسان نه هوندو۔

آسٽريليا، جاپان، ڪينيڊا ۽ جرمني صاف لفظن ۾ هن منصوبي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن۔ ٽرمپ جي اها ڌمڪي به بي اثر ٿي وئي آهي ته جيڪڏهن حليف ملڪن مدد نه ڪئي ته آمريڪا نيٽو بابت پنهنجو رويو تبديل ڪندو۔ ان کان اڳ هو اهو به دعويٰ ڪري چڪو آهي ته آمريڪا ئي نيٽو آهي۔ پر ڪيترن يورپي اڳواڻن واضح ڪيو آهي ته نيٽو هڪ دفاعي معاهدو آهي؛ جيڪڏهن ڪو ميمبر ملڪ پاڻ جنگ شروع ڪري ٿو ته نيٽو ان جنگ جو حصو نه بڻجندي۔

يورپي ملڪن جي ردعمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽرمپ اڄ وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا کي ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي، اسان وٽ دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج آهي۔ مون ته صرف ان ڪري تعاون جو چيو هو ته اهي سڀ ملڪ به آبنائي هرمز مان فائدو وٺن ٿا۔ پر ٽرمپ ان حقيقت کي نظرانداز ڪري ٿو ته ايران آبنائي هرمز بند ڪرڻ جو فيصلو آمريڪي جارحيت ۽ غير قانوني جنگ کان پوءِ ڪيو آهي۔ هن وقت ٽرمپ جي ڳالهين ۾ بيچيني، مايوسي ۽ ڪاوڙ صاف محسوس ٿئي ٿي۔ ايران واري جنگ اهڙي حالت بڻجي وئي آهي، جنهن کي نه مڪمل طور ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي آساني سان جاري رکي سگهجي ٿو۔

آمريڪي صدر کي هن جنگ بابت ٻن قسمن جي مايوسي ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ پهريون ته سندس اميدن جي ابتڙ جنگ چند ڏينهن ۾ ختم نه ٿي۔ ايران سخت بمباري ۽ نقصان باوجود جنگبندي جي اپيل ڪرڻ بدران مزاحمت جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي۔ آمريڪا ايران جي فوجي صلاحيت کي ختم ڪرڻ جا دعوٰيٰ ڪرڻ باوجود اهو يقيني نه بڻائي سگهيو آهي ته ايران جا ميزائل يا ڊرون حملا مڪمل طور بند ٿي وڃن۔ طاقت جي وڏي فرق باوجود، جيستائين ايران وٽ هڪ ميزائل به فائر ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، آمريڪا پنهنجي فتح جو اعلان نٿو ڪري سگهي۔ آمريڪا جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو، پر ايران ان لاءِ تيار نظر نٿو اچي۔

آبنائي هرمز جو معاملو هاڻي ٽرمپ جي سياست ۽ آمريڪي فوجي طاقت لاءِ وڏو امتحان بڻجي چڪو آهي۔ جيڪڏهن ايراني بحريه کي تباهه ڪرڻ جي دعوائن باوجود به هن سامونڊي رستي تان جهازن جي اچ وڃ بحال نه ٿي سگهي، ته اهو آمريڪا جي ناڪامي سمجهيو ويندو۔ انهيءَ ڪري ٽرمپ هاڻي ٻين ملڪن کي به هن منصوبي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔ هن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيترن ملڪن سندس دعوت قبول ڪئي آهي، پر انهن جا نالا ظاهر نه ڪيا آهن۔ حقيقت اها آهي ته هن وقت رڳو اهي ئي جهاز هن رستي تان گذري رهيا آهن، جن کي ايران پاڻ اجازت ڏئي ٿو۔ چين کان سواءِ ڀارت کي به ٻه جهاز کڻي وڃڻ جي اجازت ملي هئي، ۽ هاڻي پاڪستان به ايران کان پنهنجا جهاز واپس آڻڻ جي درخواست ڪئي آهي۔ ڪيترائي يورپي ملڪ پاسدارانِ انقلاب جي ڌمڪين سبب هن رستي کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن، ۽ ٽرمپ جون ضمانتون به هن صورتحال کي تبديل نه ڪري سگهيون آهن۔

عملي مشڪلاتن کان علاوه هاڻي آمريڪا جي حليف ملڪن ۾ به هن جنگ خلاف راءِ مضبوط ٿي رهي آهي۔ ڪيترائي آمريڪي ماهر به هن جنگ کي بي فائدو ۽ حليف ملڪن سان لاڳاپن ۾ دراڙ وجھندڙ قرار ڏئي رهيا آهن۔ نيٽو جي اڳوڻي آمريڪي ڪمانڊر رچرڊ ٽيرف سي اين اين کي ٻڌايو آهي ته آمريڪا پنهنجو اعتماد وڃائي رهيو آهي۔ ساڳئي وقت ايمنسٽي انٽرنيشنل هن جنگ کي بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته آمريڪي فوج حملن دوران شهري آبادي جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي۔ ميناب ۾ اسڪول جي ڇوڪرين جي موت جو خاص ذڪر ڪيو ويو آهي، جتي بعد ۾ ثابت ٿيو ته آمريڪي ٽام هاک ميزائل سبب سوين شاگردياڻيون مارجي ويون۔

مغربي ميڊيا ۾ به آمريڪي جارحيت ۽ ٽرمپ جي پاليسين تي تنقيد وڌي رهي آهي۔ برطانيا جي اخبار گارڊين جي تجزيه نگار سائمن ٽسڊال سخت لفظن ۾ لکيو آهي ته ٽرمپ آمريڪا جي ناڪامي جو سبب بڻجي رهيو آهي۔ هن ٽرمپ کي “وبا” قرار ڏيندي جلد مواخذو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ۽ چيو آهي ته آمريڪي صدر ۽ اسرائيلي وزيراعظم خلاف جنگي ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جا ڪيس هلڻ گهرجن۔

ان شديد دٻاءَ جي باوجود اها حقيقت نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته هن وقت جنگ بابت آخري فيصلو ٽرمپ وٽ ئي آهي۔ اختلافن باوجود اهو به ياد رکڻ گهرجي ته دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج ۽ وڏي معيشت جي قيادت هن وقت ڊونلڊ ٽرمپ وٽ آهي۔ جيڪڏهن آمريڪا هن جنگ مان نجات حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته ضروري آهي ته دوست ملڪ ان لاءِ رستو هموار ڪن، ۽ ايران کي به گهرجي ته وڌيڪ تباهي ۽ جاني نقصان کان بچڻ لاءِ اهڙي ڪنهن حل کي قبول ڪري۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.