سنڌ جو تعليمي نظام ڊگهي مدي کان ڳنڀير للڪارن سان منھن مقابل آھي جنھن ۾ مدي خارج پري سروس ٽريننگ، استادن جي معيار ۾ عدم تسلسل، غير حاضري جي اوچي شرح، ۽ تدريسي پيشي جي سماجي حيثيت ۾ مسلسل تنزلي جھڙا معاملا شامل آھن.
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خير پور ۾ 16 سالن کان وڌيڪ تجربي رکڻ واري ھڪ ٽيچر ٽرينر طور مون صوبي جي شھري ۽ ٻھراڙين جي ڪلاس رومز ۾ انھن مسئلن جو سڌي ريت مشاھدو ڪيو آھي. تڏھن بھ سنڌ ٽيچر ايجوڪيشن ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سٽيڊا) ۽ ان جي فليگ شپ ”تدريسي لائسنس پاليسي“ جي ذريعي ھڪ خاموش طاقتور تبديلي جاري آھي.
2023 ۾ شروع ڪيل ئي ۽ 2025 ۽ 26 جي بورڊ آف گورننس جي مباحثن جي ذريعي وڌيڪ سڌاريل اھا پاليسي، ڏھاڪن ۾ سنڌ ٽيچر ايجوڪيشن جي منظرنامي ۾ سڀ کان اھم ساختياتي سڌارو آھي. اھا تدريس کي سکڻي نوڪري مان ھڪ معزز لائسنس يافتھ پيشي تائين مٿاھون ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. البت شرط اھو آھي تھ اسان ان کي بصيرت ۽ پوري ڌيان سان لاڳو ڪريون.
مدي خارج ادارن مان ھڪ ريگيوليٽڊ ايڪو سسٽم تائين
2010 تائين سنڌ جي 29 سرڪاري ابتدائي ٽيچر ايجوڪيشن ادارا 1970 واري ڏھاڪي کان اھڙا پري سروس پروگرامز پيش ڪري رھيا ھئا جن ۾ ڪا بھ تبديلي نھ ڪئي وئي ھئي. پرائمري ٽيچنگ سرٽيفڪيٽ (پي ٽي سي) ۽ سرٽيفڪيٽ آف ٽيچنگ (سي ٽي) واريون ڪئاليفيڪيشنس گم ھيون، جنھنڪري ڪيترن ئي نسلن جا استاد جديد ڪلاس رومن لاءِ مناسب صلاحيتن کان محروم ھئا. 2012 ۾ سٽيڊا جو قيام تبديلي جو آغاز ھئو ان جو مينڊيٽ واضح آھي: ٽيچر ڊيولپمينٽ سرگرمين کي ريگيوليٽ ڪرڻ، ٽريننگ جا معيار برقرار رکڻ، ۽ پوري ايڪو سسٽم کي پروفيشنل بنائڻ. تدريسي لائسنس پاليسي ان بنياد تي سڌي ريت جوڙي وئي آھي. اھا ٽن ڪيٽيگريز جا لائسنس متعارف ڪرائي ٿي:
پروفيشنل ٽيچنگ لائسنس (پرائمري) ڪلاس 1 __ 5 لاءِ
پروفيشنل ٽيچنگ لائسنس (ايليمينٽري) ڪلاس 1__ 8 لاءِ
پروفيشنل ٽيچنگ لائسنس (سيڪنڊري) ڪلاس 6 __ 12 لاءِ
اھليت ھائر ايجوڪيشن (ايڇ اي سي) جي معيارن لاءِ مطابق اپگريڊڊ ڪئاليفيڪيشنس سان سلھاڙيل آھي. ھڪ سال واري بي ايڊ ڪورس کي درست طور تي مسترد ڪيو ويو آھي. ٻن سالن جي تجربي وارا سرڪاري استاد ھاڻي لائسنس حاصل ڪري پروموشن فاسٽ ٽريڪ ڪري سگهن ٿا. اھا ھڪ ھرکائيندڙ آڇ آھي جيڪا ڪيريئر جي ترقي کي سڌي ريت پروفيشنل قابليت سان ڳنڍي ٿي.
لائسنسنگ جو عمل: ميرٽ، شفافيت ۽ معيارَ
لائسنسنگ جو ميڪنزم خوش آئند طور جٽائتو آھي. اميدوار ٿرڊ پارٽي سروس جي ذريعي آن لائن رجسٽر ٿين ٿا. ھڪ ئي ڪوشش واري ٽيسٽ (100 نمبر) مختلف پاسن جو جائزو وٺي ٿي:
30 في سيڪڙو. مواد جي معلومات
20 في سيڪڙو. سائڪو ميٽرڪ اسيسمنٽ
50 في سيڪڙو. پيڊاگوجيڪل ڪنٽينٽ ناليج
ٽيسٽ نيشنل پروفيشنل اسٽينڊرڊ فار ٽيچرس (اين اَي سي ٽي اِي) موجودھ ايڇ اي سي ٽيچر ايجوڪيشن نصاب، ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم، اسيسمنٽ اينڊ ريسرچ (ڊي سي اي آر) جي ڪلاس 1 __ 8 جي نصاب مطابق آھي. انگريزي ۽ مادري زبان (سنڌي اردو) ٻنھي جي ٽيسٽ ورتي ويندي آھي جيڪا سنڌ جي لساني حقيقت جي پوئواري ڪري ٿي.
ڪامياب اميدوارن جي دستاويزن جي سٽيڊا جي طرفان ڳجهي ريت تصديق ڪئي ويندي آھي ھر پنجن سالن کان پوءِ تجديد لاءِ صرف 5 ڪريڊٽ آورس جي ڪنٽينيوس پروفيشنل ڊيولپمينٽ ( سي پي ڊي) گهربل آھي جيڪا مھارتن جي تازگي برقرار رکي ٿي. جولاءِ 2925 ۾ سرڪار ھڪ تاريخي لائسنسنگ ۽ پروموشن تقريب ڪوٺائي جنھن ۾ پھرئين بيچ جي لائسنس يافتھ استادن کي عوامي سطح تي اعزاز ڏنا ويا ۽ اعليٰ سطح تي سياسي عزم جو اشارو ڏنو ويو،
حقيقي تبديلي جا موقعا
ٽيچر ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پنھنجي مقام کان آءٌ ٽي ڀيرا تبديلي پزير موقعا ڏسان ٿو:
1_ پروفيشنل حيثيت ۽ احترام ۾ اضافو
ھڪ تدريسي لائسنس واضح پيغام ڏئي ٿو: ڪلاس روم ۾ داخلا ھاڻي خودڪار نھ آھي. اھا ميڊيسن، انجينيئرنگ ۽ قانون جيان لائسنس جي پوئواري ڪري ٿي. سي پي ڊي ۾ سيڙپ ڪرڻ وارن استادن کي ٻين پيشن جي برابر پگھار ملندي. اھو ڊگهي مدي کان واجب تسليم آھي جيڪو تدريس مان دماغي فرار کي روڪي سگهي ٿو.
2_ پري سروس ۽ ان سروس رابطن کي مضبوط ڪرڻ
اسان جھڙن استادن کي ھاڻي بي ايڊ ۽ ايم ايد پروگرامز کي لائسنس ٽيسٽ جي قابليتن مطابق ڪرڻو پوندو. اھو ان قسم جي نصاب لاءِ جي سڌاري لاءِ ھڪ سگهارو دٻاءُ پيدا ڪري ٿو. سٽيڊا جي ايڪريڊيشن فريم ورڪ جي مباحثي (2025–26) وڌيڪ يقيني بڻائيندا تھ صرف معياري ڪارڪردگي فراھم ڪندڙ ئي تڳي سگهندا.
3_ ٽيڪنالاجي ۽ شموليت کي مربوط ڪرڻ
پاليسي جو پيڊاگوجيڪل ڪنٽينٽ نالج تي زور تعليمي ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذھانت ۽ شموليتي طريقن کي شامل ڪرڻ جو در کولي ٿو. سنڌ ۾ مصنوعي ذھانت (اي آءِ) جي تعليم تبديلي ۽ ڊجيٽل ٽولز جي نصاب جي ڊيزائن ۾ ڪردار تي راقم الحروف جي پنھنجي تحقيق مان پڌرو ٿئي ٿو تھ ھي مھارتن سان ليس لائسنس يافتھ استاد شھري ۽ ٻھراڙي واري صنفي خال کي اثرائتي انداز ۾ ڀري سگهن ٿا.
لاڳيتا چيلنجز جيڪي توجهه جي تقاضاڪن ٿا
ڪي بھ سڌارا رنڊڪن کا آجا نھ آھن پوئواري جا خال موجود آھن. گهڻا سارا ڪنٽريڪچوئل ۽ پرائويٽ اسڪول جا استاد بھ ھاڻي ان عمل کي رضاڪاراڻو ۽ ورچائيندڙ سمجهن ٿا. ٻھراڙين وارن اميدوارن کي ٽيسٽ سينٽرز ۽ سي پي ڊي موقعن جي حاصلات ۾ لاجسٽيڪل رنڊڪون آڏيون آھن. سنگل اٽيمپٽ رول، جيتوڻيڪ سنجيدگي کي ھٿي ڏياري ٿو پر ٻي ڪوشش وارن جي ضرورت وارن قابل اميدوارن جي نيڪال جو خطرو رھي ٿو. غير ادا شدھ پگهارون ۽ استادن جي غيرحاضري باب احتجاج (جيئن تھ حيدرآباد وغيرھ ۾ 2025 جي آخر ۾ ڏٺو ويو) اسان کي ياد ڏيارين ٿا تھ صرف لائسنس ٽيچر ويلفيئر جي نظاماتي غفلت جي تلافي نٿو ڪري سگهي.
وڌيڪ تھ پاليسي جي ڪاميابي سٽيڊا جي 29 ضلعن ۾ تصديق مانيٽرنگ ۽ سي ڊي پي جي فراھمي جي صلاحيت تي ڀاڙيندڙ آھي. مضبوط ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر سان شراڪت داري کانسواءِ بيوروڪريٽڪ اوري اينگھ جو خطرو حقيقي آھي.
جٽادار اثرن لاءِ اسٽريٽيجڪ سفارشون
ھڪ ايجوڪيٽر طور آءٌ ھيٺين عمل جوڳن قدمن جون رٿون ڏيان ٿو:
يونيورسٽي سٽيڊا سھڪار: ھر ڊويزن ۾ سي پي ڊي جي فراھمي لاءِ جوائنٽ سينٽرز آف ايڪسيلنس قائم ڪجن، جن ۾ اي آءِ تي ٻڌل ذاتي سکڻ وارن ماڊيولز ۽ شموليتي تعليم جي سکيا شامل ھجي،
لچڪدار رستا: گهٽ خدمتن وارن شعبن جي اميدوارن لاءِ سھولتون متعارف ڪجن ۽ مائڪرو ڪريڊيشلز (آنلائن ماڊيولز) کي پنجن ڪريڊٽ آورس جي تجديد جي ضرورت ۾ ضم ڪجي.
تحقيق ۽ مانيٽرنگ: ھر ٻن سالن کان پوءِ آزاد اثرن جا مطالعا ڪميشن ڪجن__ نھ رڳو لائسنسن جاري ڪرڻ جو تعداد بلڪ ڪلاس روم پريڪٽيسز ۽ شاگردن جي سکڻ جي نتيجن ۾ حقيقي بھتري جي پيمائش ڪجي.
ھرکائيندڙ پيڪيج: پرفارمينس جي آڌارتي الائونسز ٻھراڙين ۾ ھائوسنگ جون سھولتون، ۽ لائسنس يافتھ استادن لاءِ پي ايڇ ڊي/ ايم فل سڪالر شپس ۾ ترجيح سان سلھاڙجي.
عوامي آگاھي واري مھم: پوري صوبي ۾ ڪاميابي جون ڪھاڻيون اجاگر ڪرڻ واري مھم شروع ڪجي جيئن اھي استاد جيڪي روايتي طريقي مان 21 ھين صدي وارن ڪلاس رومز ۾ منتقل ٿين تھ جيئن پيشي جو معاشرتي احترام ٻيھر بحال ڪيو وڃي.
نتيجو: ھڪ تاريخي موقعي جي دري
تدريسي لائسنس پاليسي رڳو ھڪ ريگوليٽري ٽول نھ آھي بلڪ اھو ھڪ اعلان آھي تھ سنڌ ھاڻي ڪلاس رومن ۾ اوسطيت قبول نھ ڪندي. پھرئين ڀيري صوبي م ٽيچر ايجوڪيشن ميرٽ، معيارن ۽ مسلسل ترقي تي ٻڌل آھي. جيئن جيئن اسان 2026 ۽ ان کان اڳتي وڌنداسين حقيقي امتحان اھو ھوندو تھ ٽيچر ايجوڪيشنس پاليسي ميڪرس ۽ ايڊمنسٽريٽرس ھن گهڙي کي قابو ڪري ھڪ پروفيشنل ڪيڊر بنائيندا جيڪو پاڪستان جي آئندي جي صورت گري ڪندو.
سنڌ جي ٻارن کي حق آھي تھ کين اھڙا استاد ملن جيڪي نھ رڳو سند يافتھ ھجن پر ڪئاليفائڊ ۽ بااختيار پڻ ھجن. تدريسي لائسنس پاليسي اسان کي ھڪ فريم ورڪ ڏي ٿي. ھاڻي اھا اسان جي گڏيل ذميداري آھي تھ تبديلي کي عملي روپ ڏيون.