اڪيلي سياسي جماعت  مضبوط حڪومت قائم ڪري نٿي سگھي

ملڪ ۾ سياست جي ھلڪي چرپر شروع ٿيندي نظر اچي پئي.جنھن مان اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ چونڊن جو ميدان تيار ٿئي پيو،ٻئي پاسي ملڪ جي وڏين جماعتن ۾ شامل مسلم ليگ ن جي حلقن مان اھو آواز اچي پيو تھ اھي اڪيلي سر ئي چونڊون وڙھندا ۽ ان بعد ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ اڪيلي سر ئي حڪومت جوڙيندا.مسلم ليگ جي پڪ سان چونڊن کٽڻ جي پس منظر ۾ ملڪ جي سياسي سماجي مبصرن کي اسٽيبلشمنيٽ جي حمايت جو شڪ ٿي رھيو آھي.جنھن بابت پاڪستان پيپلزپارٽي تي ايتري حد تائين چئي ڇڏيو آھي تھ جنھن طور طريقي جي پروٽوڪول سان مسلم ليگ ن کي نوازيو پيو وڃي، تھ پوءِ ملڪ ۾ اليڪشن جي بھ ڪھڙي ضرورت آھي، رڳو اعلان ڪري وزارت اعظميٰ  جي ڪرسي تي نوازشريف کي ويھاريو وڃي.پ پ پ جي اھڙي بيان مان ھن جي ناراضگي ظاھر ٿي رھي آھي.

ملڪ جي سياسي ميدان ۾ ڪجهھ مبصرن کي اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ نھ رڳو پاڪستان تحريڪ پر خود پ پ پ کي بھ ھڪجھڙيو چونڊن وڙھڻ جو موقعو نھ پيو ڏنو وڃي،بدقسمتي سان ملڪي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ايتري رھي آھي جو ھاڻي ھر جماعت اھو فيصلو ڪري ورتو آھي تھ انھن جي اقتدار جي ڪرسي تي پھچڻ جو واحد رستو اسٽيبلشمنيٽ جي جائز ناجائز فيصلي کي قبول ڪرڻ سان ئي ملندو.

سياست اھڙي مشڪل راند آھي جو ان ۾ تجربيڪار سياستدان بھ منھن ڀر وڃي ڪرن ٿا.پر سياست ئي آھي جنھن سان ملڪ جي معاملن کي سڌو ڪري سگھجي ٿو.سياست ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جو ھنر ئي آھي جنھن ڪري ان ۾ ڪشادھ دلي،سھپ ۽ رواداري کانسواءِ ڪاميابي ڏکي ٿيندي آھي.

جيتوڻڪ رڳو ڪجھھ سال اڳ تائين اھو ڪنھن جي خواب خيال ۾ ئي نھ ھو تھ مسلم ليگ ن کي ايتري قبوليت ملي ويندي پر جڏھن اسٽيبلشمينٽ کي ان جي گھرج محسوس ٿي تھ وري ھن وقت ملڪ ۾ سياست جو نئون نقشو جڙندي نظر اچي رھيو آھي.

رڳو ڪجھه سال اڳ ئي ملڪي اسٽيبلشمينٽ ملڪ مان بھتر جمھوريت جي ٽڏي ويڙھڻ جي لاءِ پاڪستان تحريڪ تي ھٿ رکي ڪري ميدان مان ٻنھي وڏين سياسي جماعتن پ پ پ ۽ مسلم ليگ ن جو رستو روڪي ڇڏيو ھو.وري اڃان سال ٻھ اڳ جڏھن پي ٽي آءِ حڪومت کي ڊاھڻ جي ضرورت محسوس ٿي تھ سمورين سياسي جماعتن طاقتور حلقن جي راند جو حصو ٿي ويون.

ھاڻي جڏھن رڳو ڏيڍ ٻن سالن اندر نئين سياسي گيم شروع ٿي رھي آھي تھ 16 مھينن جي گڏيل اتحادي حڪومت جا اتحادي دانھون ڪري رھيا آھن تھ انھن سان ظلم ٿي رھيو آھي.

سياست ۾ ڪا بھ ڳالھھ حتمي نھ ھوندي آھي، اتحاد يا وري مخالفت بھ آخري يا قطعي نھ ھوندي آھي، انڪري ھن وقت جنھن انداز سان مسلم ليگ ن اڪيلي سر ملڪ جي معامل ن کي مٿو ڏيڻ جي لاءِ پنھنجا ڪلھا آڇي رھي آھي، اھو بھ ڪو دائمي معاملو نھ آھي. ھن ملڪ جي بحرانن جو حل ھڪ جمھوري حڪومت ۾ آھي،جڏھن تھ ھن وقت مسلم ليگ ن کي ملندڙ رعايتن مان اھو شڪ ٿي رھيو آھي تھ ان تي شفقت جو ھٿ آھي،جنھن ڪري ٻين ڌرين کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو پيو وڃي.پر وقت ۽ حالتون ڦرندي دير نھ لڳندي آھي.

نوازشريف جي وطن ورڻ کان اڳ اھو محسوس ڪيو پئي ويو تھ شايد مسلم ليگ ن کي عوام جي ايتري حمايت نھ ملي سگھي پر عوام جي موٽ سان اھو غلط ثابت ٿي ويو، ٻئي پاسي تازو ننڍي عمر جي جماعت پاڪستان استحڪام پارٽي پڻ ڏکڻ پنجاب ۾ جسلو ڪري اھو عوام جي حمايت جو ھڪ ٻيو مظاھرو ڪيو آھي.سياسي مبصرن جو چوڻ آھي تھ اھو نھ رڳو ٻين جماعتن پر خود مسلم ليگ ن کي بھ پيغام آھي تھ ميدان خالي نھ آھي.

ان دوران جڏھن مسلم ليگ ن جي يو آءِ کي بھ بھتر موٽ نھ ڏني ۽ اھو محسوس ڪرايو ويو تھ اسان اڪيلا ئي ڪافي آھيون تھ مولانا فضل الرحمان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ھڪ وفد جي ملاقات بھ سياسي ميدان ۾ ھڪ ٻئي امڪاني اتحاد جو بحث ڇيڙي ڇڏيو آھي،جيتوڻيڪ مولانا فضل الرحمان سان پي ٽي آءِ وفد جي ٿيل ملاقات کي لاڳاپيل ڌريون نج غيرسياسي ملاقات قرار ڏين پيون پر سياستدانن جي ڪا بھ چرپر غيرسياسي نھ ھوندي آھي.

ملڪ کي بحران مان ڪڊڻ جو واحد حل سمورين سياسي جماعتن کي گڏجي ڪري بھتر جمھوريت طرف  وٺي وڃڻ ۾ ئي لڪيل آھي، پر بدقسمتي سان في الحال کين اھا ڳالھھ سمجهھ ۾ نٿي اچي، جئين ڪجهھ سال اڳ پاڪستان تحريڪ جي قيادت کي بھ اھو سمجهه ۾ نھ پئي آيو، پر وقت تبديل ٿيڻ ۾ ڪا گھڻي دير نھ لڳندي آھي، انڪري مسلم ليگ ن تي اھو وڌيڪ بار پئي ٿو تھ اھا پھل ڪندي سمورين سياسي جماعتن کي گڏ ڪري ملڪ جي جمھوريت،معيشت ۽ آئيني بحران جي حل لاءِ  جدوجھد ڪرڻ گھرجي.

نوازشريف کي ان ڳالھھ جو عملي مظاھرو ڪرڻ گھرجي تھ ھو ڪنھن کان انتقام نھ وٺندو ، اھو درست آھي تھ ھن وقت ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ تجربو رکندڙ سياسي اڳواڻ آھي جيڪو اھڙي ڪنھن بھ ڪم کي سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.جڏھن کيس ايتري عوامي حمايت حاصل آھي تھ پوءِ ھو عوام جي ڀلائي ۾ ئي ائين ڪري.کيس ا ھو بھ ياد رکڻ گھرجي تھ جڏھن ھو ٻين ڌرين کي معاف ڪري رھيو آھي تھ پوءِ آخر سياسي جماعتن ۽ خاص ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف کي وڏي دل ڪري معاف ڇو نھ پيو ڪري.

ھن وقت سياست جي ميدان ۾ موجود مھرا ڪڏھن بھ پاسو بدلائي سگھن ٿا ان ڪري سياسي پارٽين کي عوام ۽ خود سياسي قيادت تي اعتماد ڪندي پاڻ ۾ گڏ ويھڻ کپي.جيڪڏھن ائين نھ ٿيو تھ مسلم ليگ ن جي اڪيلي سر حڪومت کي وري ڪجھھ سالن بعد مخالف سياسي اتحاد جي تنقيد کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ انھن جي غيرجٽادار حڪومت وري اسٽيبلشمنيٽ جي اڳيان ھڪ اڳڙين جي گڏي جيان ھوندي جنھن کي ڊاھڻ ڪو ڏکيو نھ ھوندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.