سنڌ جو ناليوارو ليکڪ، مترجم ۽ دانشور ولي رام ولڀ29 آڪٽوبر 2023 تي رات 1 بجي ڌاري ديهانت ڪري ويو. سندس پيدائش 18 آگسٽ 1941 ۾ مٺي ٿرپارڪر ۾ ٿي. سنڌي زبان لاءِ ڪيل سندس خدمتون ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب هميشه ياد رکيا ويندا.
شروع ۾ ولي رام ولڀ ڳوٺ ۾ هوندي، ڪجهه وقت شاعري ڪئي ۽ ڪانگريسي اڳواڻ ولڀ ڀائي پٽيل کان متاثر ٿي ”ولڀ“ جو تخلص اختيار ڪيائين. 1962ع ڌاري هن گجراتي ٻولي جي ڪهاڻيڪار ”ڌومڪيتو“ جي ڪهاڻي ”بهشت ۽دوزخ“ ترجمو ڪئي. جا ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپي ۽ ڪافي حوصلي افزائي ٿيس. انهيءَ کانپوءِ سندس ترجمو ڪيل ڪهاڻيون ۽ مضمون گهڻي ڀاڱي سنڌي جي سڀني ادبي مخزنن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. 1968ع ۾ هن ڪرشن چندر جو مشهور ناوليٽ ”غدار“ اردو مان ترجمو ڪيو، جنهن جا هيستائين چار ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. 1977ع ۾ قرة العين حيدر جو ناول ”سيتاهرڻ“ سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين، جنهن جا پڻ ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. 1978ع ۾ امرتا پريتم جي پنجابي ناول، ”بند دروازو“ جو سنڌي ترجمو ڇپيو. 1980ع ۾ سندس ترجمو ٿيل پرڏيهي ڪهاڻين جو مجموعو ”ٽين دنيا جون ڪهاڻيون“ ۽ 1983ع ۾ اٽلي جي مشهور ڪهاڻيڪار ”البرٽو موراويا“ جي ڪهاڻين جو ترجمو ۽ ترتيب ”ٿڪل سُريت“ ۽ 2004ع ۾ پرڏيهي ڪهاڻين جو ڳٽڪو”بهشت ۽ دوزخ“ جي نالي سان ڇپيو.
مٿين ڪتابن کانسواءِ وليرام ولڀ جي ٻين ڪتابن ۾ ٻارن جي موضوع تي سهيڙيل ڪتاب ”ٻار سنڌي ڪهاڻي ۾“ (1984ع) چئن انقلابي ليکڪن محمود درويش، يشپال، پئبلونرودا ۽ لورڪا تي لکيل سوانحي مضمونن جو مجموعو ”سدا ساوا پن“ (1984ع) البير ڪاميو جو نالو ”ڌاريو“ (1993ع)، قرة العين حيدر جو ناول ”پوئين پهر جا پانڌيئڙا“ (2003ع)احمد نديم قاسمي جو اقبال تي لکيل ڪتاب ”اقبال“ (1977ع) ڪيول ملڪاڻي جو ڪتاب ”سنڌ ڪهاڻي“ (جيڪو پهرين تاج جويي جي نالي سان ڇپيو) ڀڳوت گيتا جو اڀياس (1992ع)من جي شانتي (2003ع)ڪوتا ڦلواري (2006ع)مٺڙاڀاءَ (ڪهاڻيون 2007ع) شايع ٿيل اٿس. تنهن کانسواءِ وليرام جي انٽرويوئن ۽ ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”زندگي سيِ کٽا هوا ٽڪڙا“ (2001ع) اردو ۾ ڇپيل آهي. مٿين ڇپيل ڪتابن کانسواءِ وليرام ولڀ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهن.
ترجمن کانسواءِ وليرام ولڀ ڪجهه تخليقي ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن، جن ۾ پهرين ڪهاڻي ”پشپ“ هئي، جيڪا سهڻي مخزن ۾ 1973ع ۾ ڇپي. تنهن کانسواءِ سندس ٻي ڪهاڻي ”خوشبو“ پڻ سٺي ڪهاڻي آهي. ان کانسواءِ مضمون ۽ تبصرا پڻ لکيا اٿس، جيڪي سهڻي مخزن، تخليق پبليڪيشن، ٽماهي مهراڻ، ٻين مخزنن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿيا آهن، پر وليرام ولڀ کي ترجمن جي ذريعي وڌيڪ پذيرائي ملي، جنهن جو ذڪر ڪندي هڪ انٽرويو ۾ وليرام ولڀ چيو، ”مون محسوس ڪيو ته منهنجو شايد ترجمو سٺو آهي، جو ان جي گهر ڪئي وڃي ٿي. مون هر ترجمي جي چونڊ پاڻ ڪئي.“ وليرام ولڀ ترجمي ۽ تخليق جي ڪم کانسواءِ ڪن مخزن/ڪتابي سلسلن جهڙوڪ: ”سهڻي“ ۽ ”سنڌي ساهت“ (1979ع)۾ ٻانهن ٻيلي جي حيثيت سان ۽ جناب ظفر حسن جي ساٿ سان ”عالمي ادب“ ۽ پوءِ ”آرسي“، سنڌالاجي جو ڇهه ماهي ”سنڌي ادب“ به سهيڙيندو رهيو. آرسي“ مخزن جا پنج ضخيم جلد شايع ٿيا، جيڪي سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا ۽ سنڌي ادب ۾ ”آرسي“ جهڙي مخزن جي سدائين گهرج محسوس ڪئي ويئي آهي. وليرام ولڀ جي هڪ ڪهاڻي ”ليڪا نه اورانگهڻ جهڙا“ انگريزي ٻوليءَ ۾ Barriers that Remained جي سري سان ترجمو ٿي، پينگئن بُڪس جي انڊين ايڊيشن A Letter from Pakistan ۾ شايع ٿي.