ايران جي تل ابيب ۾ تباهي، 600 آمريڪي فوجي مارڻ جي دعويٰ

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران طرفان اسرائيلي ۽ آمريڪي هدفن تي نون ميزائلن سان حملن ۾ ۽ 600 آمريڪي فوجين جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب، ايران اسرائيل تي حملن ۾ اڳ ڪڏهن به استعمال نه ڪيل هٿيار استعمال ڪيا آهن.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي تازن حملن ۾ تل ابيب جي 8 علائقن ۾ تباهي پکڙجي وئي، ڪيترن علائقن جي بجلي بند ٿي وئي جڏهن ته 4000 آبادڪارن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو.
حملن کانپوءِ ٽرين سروس اڻڄاتل مدي لاءِ معطل ڪئي وئي جڏهن ته بن گوريون ايئرپورٽ تي ريفيولنگ جهازن کي به نشانو بڻايو ويو.
ٻئي پاسي ايراني فوج جو چوڻ آهي ته جنگ کانپوءِ علائقي ۾ آمريڪا کانسواءِ نئون توازن قائم ٿيندو ۽ جنگ جي شروعات کان وٺي هينئر تائين 600 آمريڪي فوجي ماريا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.