تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته اتر اسرائيل جي علائقن تي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي حملن کانپوءِ اسپتالون زخمين سان ڀرجي ويون آهن.
اسرائيلي اختيارين موجب، روزانو 100 کان وڌيڪ زخمي اسپتالن ۾ آندا پيا وڃن ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي.
اختيارين موجب، حملي کان اڳ سائرن جي آوازن تي ڀاڄ سبب ماڻهو زخمي به ٿين ٿا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل، خاص طور وچ اسرائيل ۾، هاڻي پرسڪون راتيون ماضي جو قصو بڻجي ويون آهن، جتي رات جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا سائرن وڄن ٿا.
حزب الله جي حملن بعد اسرائيلي اسپتالون زخمين سان ڀرجي ويون،” هاڻي سڪون ماضيءَ جو قصو بڻجي ويو آهي“: اختياريون
Prev Post
You might also like