تهران ۾ شهيد علي لاريجاني جي جنازي نماز ادا، ايران اسرائيل تي ميزائلن جو مِينهُن وسائي ڇڏيو، 200 سئو ڄڻن جي مارجڻ جي دعويٰ

تهران/تل ابيب/واشنگٽن/بيروت (ويب ڊيسڪ) پاسدارانِ انقلاب جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني جي شهادت کانپوءِ ايران طرفان اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي سخت حملا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي، تازن حملن ۾ اسرائيل اندر 100 هدفن کي نشانو بڻائڻ ۽ 200 ڄڻن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل رات ايران جي انٽيليجنس معاملن واري وزير اسماعيل خطيب کي به نشانو بڻايو ويو، ٻئي پاسي تهران ۾ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري شهيد علي لاريجاني، بسيج جي ڪمانڊر ميجر جنرل غلام رضا سليماني ۽ نيوي جي درجنين اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.

تهران ۾ علي لاريجاني ۽ ميجر جنرل غلام رضا سميت ٻين شهيدن جي جنازي نماد ادا ڪئي وئي
ايران جي راڄڌاني تهران ۾سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري شهيد علي لاريجاني، بسيج جي ڪمانڊر ميجر جنرل غلام رضا سليماني ۽ سامونڊي فوج جي درجنين اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
پاسدارانِ انقلاب جي ماتحت خابرو اداري تسنيم موجب، شهيدن جي جنازي نماز ۾ ايراني عوام وڏي انگ شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته علي لاريجاني 17 مارچ تي تهران ۾ پنهنجي پٽ سان گڏ هڪ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو، جڏهن ته بسيج ڪمانڊر جي شهادت به اسرائيلي فضائي حملي ۾ ٿي هئي.
ان کانسواءِ 4 مارچ تي آمريڪي بحريه جي حملي ۾ سريلنڪا ويجهو ايراني جهاز آءِ آر آءِ ايس دينا تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ درجنين ايراني نيوي جا اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

اسرائيل طرفان ايراني انٽيليجنس کاتي جي وزير اسماعيل خطيب کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
اسرائيلي بچاءَ واري وزير ڪئي آهي ته هڪ حملي ۾ ايراني انٽيليجنس وزير اسماعيل خطيب قتل ٿي ويو آهي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل رات ايراني انٽيليجنس کاتي جي وزير اسماعيل خطيب کي به نشانو بڻايو ويو.
ٻئي پاسي ايران طرفان اڃا تائين دعويٰ تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته اسماعيل خطيب کي 2021 ۾ ايران جي اڳوڻي صدر ابراهيم رئيسي انٽيليجنس کاتي جو وزير مقرر ڪيو هو، اسماعيل خطيب 1979 واري اسلامي انقلاب کانپوءِ 1980 ۾ پاسدارانِ انقلاب ۾ شامل ٿيو هو.

اسرائيل جا لبنان تي فضائي حملا، 12 ڄڻا شهيد
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيل لبناني راڄڌاني بيروت جي مُک علائقن تي شديد فضائي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي هڪ 14 ماڙ عمارت مڪمل طور ڊهي پٽ پئجي وئي.
رپورٽ موجب، اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 12 ڄڻا شهيد جڏهن ته 41 زخمي ٿي پيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، بشورا واري علائقي ۾ اسرائيل فضائي حملو ڪيو، جڏهن ته هڪ ٻيو حملو زقاق البلاط جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ ڪيو ويو، جتي اڳواٽ وارننگ ڏيڻ بنا بمباري ڪئي وئي.
واضح رهي ته لبنان تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 800 کان وڌيڪ شهري شهيد ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن.

ايراني تيل ذخيرن تي بمباري، پاڪستاني ماحوليات کي خطرو؟ موسميات کاتي آگاهه ڪري ڇڏيو
موسميات کاتي جي ترجمان انجم نذير جو چوڻ آهي ته موسميات کاتو ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهي ۽ ڊيٽا جي ڏي وٺ جاري آهي.
انجم نذير جو چوڻ هو ته ايراني ڊيٽا موجب هوا ۾ خطرناڪ گدلاڻ يا زهريلي گئسن جا ڪي به آثار ناهن مليا، هينئر تائين مانيٽرنگ دوران ڪنهن به قسم جي تابڪاري جا ثبوت به سامهون ناهن آيا.

نار ملڪن جي شهري آبادين ڀرسان حملن جو ذميوار آمريڪا آهي: ايران
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪي فوجون فوجي اڏن مان نڪري شهري علائقن ۽ هوٽلن ڏانهن منتقل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب اهڙا هنڌ به نشانو بڻيا جيڪي آبادي جي ويجهو آهن.
عرب ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾عباس عراقچي چيو ته جتي جتي آمريڪي فوج يا سندن ٿاڪ موجود هئا، انهن کي نشانو بڻايو ، ممڪن آهي ته ڪجهه هنڌ شهري علائقن جي ويجهو هجن، تنهنڪري حملن سبب خطي جي ملڪن ۽ عوام کي نقصان ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته 28 فيبروري تي جنگ شروع ڪرڻ جو الزام مڪمل طور آمريڪا تي آهي، ۽ نار وارن ملڪن جي شهري علائقن ڀرسان حملن جي ذميواري به آمريڪا تي ئي لاڳو ٿئي ٿي.

آمريڪا شامي فوج ذريعي حزب الله جي خاتمي جو منصوبو ٺاهي ورتو
اسرائيلي اخبار موجب، آمريڪا طرفان شامي فوج کي لبنان موڪلڻ جي حوصلا افزائي ڪئي،پر شام ان تڪرار ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي آمريڪي اخبار اسرائيلي ڳجهي ڪيبل جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ايران جو نظام هيڻو ناهي پر هو آخري حد تائين وڙهڻ لاءِ تيار آهي.
آمريڪي اخبار موجب، ايران جي بنيادي فوجي قوت پاسدارانِ انقلاب وڌيڪ مضبوط آهي.

علي لاريجاني جي شهادت جو پلاند، پاسدارانِ انقلاب پاران 100 اسرائيلي هدفن کي نشانو بڻائڻ ۽ 200 ماڻهو مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ جي دعويٰ
پاسدارانِ انقلاب طرفان ايراني سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني جي شهادت کانپوءِ ايران اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي سخت حملا ڪيا ويا آهن.
ايراني سرڪاري ٽي وي موجب، علي لاريجاني جي شهادت جي جواب ۾ تل ابيب کي ڪلسٽر وار هيڊ کڻندڙ ميزائلن ذريعي نشانو بڻايو ويو، ميزائل حملن ۾ اسرائيلي فوجي ٿاڪن تي حملا ڪيا ويا.
ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته تازن حملن ۾ ميزائل 100 کان وڌيڪ هدفن تي لڳا ۽ حملن ۾ 200 اسرائيلي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني حملن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪجهه زخمي ٿيا آهن.

ايران آبناءِ هرمز ۾ ڦاٿل جهازن جي نيڪالي لاءِ ڀارت آڏو اهم شرط رکي ڇڏيو
ايران ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارتي جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻو آهي ته ايران جا ٽي جهاز واپس ڪرڻا پوندا، جڏهن ته ڀارت طرفان اهڙي مطالبي جي ترديد ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ايران جا تيل سان ڀريل ٽي جهاز جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ڀارت پنهنجي قبضي ۾ ورتا هئا، جڏهن ڀارت جو آمريڪا سان واپاري معاهدو ٿي رهيو آهي.
رائٽرز موجب، ايران پنهنجي ٽن جهازن جي واپسي سان گڏ ڀارت کان دوائن ۽ طبي سامان جي فراهمي جو به مطالبو ڪيو آهي، هن وقت 22 ڀارتي جهاز آبناءِ هرمز ۾ ڦاٿل آهن.

نيٽو وڏي غلطي ڪري رهيو آهي، آمريڪا کي ڪنهن به مدد نه کپي: ڊونلڊ ٽرمپ
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ جي صدر طور چوان ٿو ته اسان کي ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي.
ٽرمپ چيو ته نيٽو وڏي غلطي ڪري رهيو آهي، نيٽو کي هن وقت علائقي ۾ هجڻ کپي ها.
فرانسيسي صدر جي آبناءِ هرمز آپريشن ۾ حصو نه وٺڻ واري بيان تي ٽرمپ چيو ته ميڪرون جلد عهدي تان هٽي ويندو.
ان کانسواءِ ٽرمپ جپان، آسٽريليا ۽ ڏکڻ ڪوريا جو نالو وٺندي چيو ته گهڻا ملڪ ايران بابت اسان سان متفق هئا، پر وقت تي ڪنهن به آمريڪا جي مدد نه ڪئي.

لاريجاني جي شهادت جو سخت پلاند وٺنداسين: ايراني صدر جو اعلان
ايران جي صدر مسعود پزشڪيان علي لاريجاني کي هڪ اهم ۽ مانائتي شخصيت قرار ڏيندي چيو ته هن اسلامي جمهوريه ايران ۾ مختلف اهم عهدن تي خدمتون انجام ڏنيون ۽ قومي پاليسي جي جوڙجڪاهم ڪردار ادا ڪيو.
ايراني صدر واضح ڪيو ته علي لاريجاني جي شهادت جو سخت پلاند ورتو ويندو.

ڇڪتاڻ سبب سڄي ملڪ مان مان اڄ به وچ اوڀر لاءِ 83 اڏامون رد
علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب ملڪ مان اڄ به وچ اوڀر لاءِ 83 اڏامون رد ڪيون ويون آهن.
پاڪستان جي قومي ايئر لائن فجيرا لاءِ اڏامون 48 ڪلاڪن لاءِ معطل ڪري ڇڏيون آهن، ترجمان جو چوڻ آهي ته اڏامون رڳو العين لاءِ هلنديون.

آمريڪي جهاز بردار سامونڊي جهاز جنگ ڇڏي واپس بندرگاهه ڏانهن روانو
آمريڪي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي جهاز بردار بحري جهاز يو ايس ايس جيرالڊ فورڊ ايران جنگ ڇڏي واپس بندرگاهه ڏانهن لڳو آهي.
ان کان اڳ خبرون آيون هيون ته ان جهاز ۾ باهه لڳي وئي هئي.
آمريڪي اخبار موجب، جهاز جي مرڪزي لانڊري ايريا ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ 30 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳو، ٻه آمريڪي فوجي معمولي زخمي ٿيا، انجڻ محفوظ رهي جڏهن ته 600 کان وڌيڪ فوجي پنهنجن بسترن کان محروم ٿي ويا.

ايران موساد لاءِ جاسوسي جي الزام هيٺ هڪ شخص کي ڦاهي ڏئي ڇڏي
ايراني ميڊيا موجب، ملڪ ۾ هڪ شهري کي اسرائيلي جاسوس هئڻ جي الزام هيٺ موت جي سزا ڏني وئي آهي.
خابرو اداري جي رپورٽ موجب، قريش ڪيواني نالي شخص کي گذريل سال جون ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، مٿس الزام هو ته هن موساد کي حساس جاين بابت ڄاڻ ۽ تصويرون فراهم ڪيون.
رپورٽ موجب، موساد 2023 ۾ پهريون ڀيرو ساڻس رابطو ڪيو هو، جڏهن هن سوئيڊن ۾ هڪ آن لائين اشتهار تي ڪلڪ ڪيو هو، جنهن کانپوءِ کيس يورپ جي ڇهن ملڪن ۽ تل ابيب ۾ سکيا ڏيڻ بعد ايران ۾ ڪارروائين لاءِ اُماڻيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.