خيرپور/ٽنڊو مستي/سوڀوديرو(نمائندا ) ٽنڊو مستي لڳ اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد اندر مري پراڻي خوني تڪرار تان حاضري تي ويندڙن مٿان هٿياربندن جو حملو هڪ پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا قتل ھڪ اهلڪار زخمي رپورٽ موجب، ٽنڊو مستي لڳ اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ لانگاهي مري اندر مري برادريء جي ٻن ڌرين وچ ۾ منٿلي نه ڏيڻ تان هلندڙ خوني تڪرار تان بدنام ڌاڙيل بيگو مري ٽنڊو نظر علي لنڪ روڊ پير قابل وٽ خيرپور جي عدالت ڏانهن ويندڙ موٽرسائيڪل سوار علي محمد مري مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار علي محمد مري ۽ سندس تحفظ لاءِ مقرر ٿيل هڪ پوليس اهلڪار خادم حسين ڄامڙو ٿڏي تي گولين جو کاڄ بڻجي شهيد ٿي ويو جڏهن ته هڪ اهلڪار امتياز علي پنهور سخت زخمي ٿي پيو اڪنامڪ زون پوليس زخمي اهلڪار ۽ قتل ٿي ويلن جا لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيا ٻئي پوليس هٿياربندن جي ناڪابندي ڪري پويان رواني ٿي وئي هئي زخمي پوليس اهلڪار کي سول اسپتال خيرپور کان ڪراچي اسپتال موڪليو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي ناهي سگھيوشھيد ٿيل اھلڪار ايڪانامڪ زون خيرپور تي ڊيوٽي ڪندو ھيو شھيد پوليس حوالدار خادم حسين ڄامڙو جي نماز جنازا سوڀوديرو ڀرسان ڳوٺ مڏ ۾ پير صدق شاهه قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي جتي پوليس دستن شھيد کي گارڊ آف آنر ڏنو ـ نماز جنازا ۾ اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر ـ ڊي ايس پي سوڀوديرو عبدالواحد کوسو ،جمال محمود کھڙو، ايڊوڪيٽ قاسم ڄامڙو سميت شھرين سياسي سماجي ماڻهن شرڪت ڪئي ،ٻئي پاسي سنڌ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر خيرپور اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان واقعي جا تفصيل طلب ڪندي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.