حيدرآباد(رپورٽر) عورت آزادي مارچ حيدرآباد جي آرگنائيزرن، غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين جي بيدخلي واري حڪومتي فيصلي جي مخالفت ۾ ٿيندڙ عورت مارچ جي احتجاج کان لاتعلقي جو اظھار ڪندي چيو آهي ته پناهگيرن جي ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي ۾ مقامي سنڌين کي درپيش مسئلن ۽ تاريخي حق حڪمراني توڙي معاشي ۽ ثقافتي خطرن کي حقيقي سمجھندي عورت آزادي مارچ حيدرآباد اھڙي ڪنھن به قسم جي احتجاج کي سنڌ جي حقيقي ۽ اصولي موقف جي خلاف سمجھندي ان کي سنڌ جي جمهوري حق جي خلاف احتجاج قرار ڏئي ٿي ۽ اختلاف رکندي ان کي رد به ڪري ٿي. حيدرآباد عورت آزادي مارچ جي اڳواڻن امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت شاهه ۽ ٻين پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته عورت مارچ حيدرآباد مقامي ماڻھن جي پنھنجي تاريخي وطن يا ڌرتي واري بنيادي حقن کي پڻ تسليم ڪري ٿي، جنھن ۾ سندن بنيادي تاريخي، سياسي، سماجي ۽ معاشي توڙي ثقافتي حقن جو تحفظ شامل ھجي،هنن چيو ته رياستي پاليسين جي ابتڙ سنڌ جو عوام سنڌ اندر وڌندڙ ٻاھرين آبادڪاري کي پنھنجي تاريخي وجود لاءِ خطرو سمجھندي پرڏيهين جي وطن واپسي جو مطالبو رکندو آيو آھي، جنھن ۾ افغانستان کان لکن جي تعداد ۾ آيل ماڻهو به شامل آهن، اهي ماڻهو ڪراچي سميت ٻين شھرن ۾ مستقل بنيادن تي رھڻ جي اجازت ڏيڻ بجاءِ انھن جي باعزت وطن واپسي جو مطالبو رھيو آھي. سنڌ افغانين کان علاوه پڻ لکن جي تعداد ۾ بنگالين، برمين ۽ ٻين جو بار برداشت ڪري رھي آھي، لکن جي تعداد ۾ افغانين جي سنڌ ۾ مستقل بنيادن تي ڪاروباري سرگرمين سميت مستقل رھائش اختيار ڪرڻ تي پناهگيرن کي سنڌ جي ڊيموگرافي ۾ مقامي سنڌين کي درپيش مسئلن ۽ تاريخي حق حڪمراني توڙي معاشي ۽ ثقافتي خطرن کي حقيقي سمجھندي عورت آزادي مارچ حيدرآباد اھڙي ڪنھن به قسم جي احتجاج کي سنڌ جي حقيقي ۽ اصولي موقف جي خلاف سمجهي ٿي، نادرا جي ڪجھه ڪرپٽ آفيسرن ۽ عملي پاران لکين جعلي شناختي ڪارڊ ٺاھيا ڏنا ويا آھن، انھن جعلي شناختي ڪارڊن کي رد ڪري سندن باعزت طريقي سان واپسي جو بندوبست ڪيو وڃي.
سوشل ميڊيا تي عورت مارچ تي تنقيد جو سلسلو جاري
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي عورت مارچ جي اعلان تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي، رئوف پارس دايو لکيو ته عورت مارچ جي نالي تي پنجاب ۾ يا اسلام آباد ۾ اهڙي موقعي پرستيءَ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، عورت مارچ سنڌ جو اهڙي سنڌ دشمن حرڪت سان ڪو به واسطو ناهي.ساحل کوسو چيو ته بلڪل اسين مذمت ڪيون ٿا ۽ سوشل بائيڪاٽ پڻ ڪيون ٿا،ياسين رند لکيو ته جيتري سنجيدگيءَ سان پنجاب حڪومت پنهنجي صوبي مان غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي کي يقيني بڻائي رهي آهي، سنڌ حڪومت ان ۾ هڪ چوٿون به سنجيده ناهي.علي پلهه چيو ته مان حيران ٿي ويس ته ڪيئن سنڌي سول سوسائٽي اسلام آباد جي ماڻهن کان وسري وئي.عورت مارچ جي حوالي سان سنڌ سان صلاح نه ڪئي وئي ،شهزادي حسين لکيو ته اسان سمجھو ٿا ته جيڪو ڪم عورت مارچ جي خلاف ملن کان ورتو پئي ويو ھاڻي اھو ساڳو ڪم عورت مارچ جي نالي تي ڪجهه مفاد پرستن کان ورتو پيو وڃي ته جيئن عورتن جي حقن لاءِ اٿيل تحريڪ کي دٻائي سگهجي دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ ۾ ھجون سڀ کان پھريان سنڌ
”سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي“ سنڌ سهائي آرگنائيزيشن پاران عورت مارچ جي بائيڪاٽ جو اعلان
حيدرآباد(رپورٽر) مختلف شهرن جيان هر سال 8 مارچ تي اتر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عورت آزادي مارچ ڪندڙ سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي صدر ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو آهي ته افغانين جي حق ۾ رٿيل عورت آزادي مارچ کي سنڌ دشمني سمجهندي عورت مارچ جي نالي ۾ ڌرتي ڌڻين جي حقيقي ۽ جائز موقف جي خلاف ٿيندڙ سازش جي سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سڄي دنيا ۾ غير قانوني پرڏيهين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ لاءِ قانون حرڪت ۾ ايندو آهي، پر ڪٿي به عورتن جي تنظيمن ڪڏهن اهڙو احتجاج ناهي ڪيو، غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي خلاف ٿيندڙ ان احتجاج جو سنڌ جي عورت تنظيمن مڪمل بائيڪاٽ ڪيو آهي، اسان به اهڙي احتجاج جي مذمت ڪيون ٿا، غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ واري ٽولي جا ساٿاري خبر ناهي ڪير آهن، پر کين خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي، افغانين سميت ٻين غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ واري رياستي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.سنڌ سهائي آرگنائيزيشن ءِ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جنهن جي پليٽ فارم تان سکر عورت مارچ ،ڪشمور عورت مارچ ،گهوٽڪي عورت مارچ ٿيو آهي اسان ڪنهن به اهڙي مهم يا احتجاج جو حصو ناهيون اسان ان احتجاج جي مذمت ڪيون ٿا
ڪي پي مان پرڏيهين جي واپسيءَ جو عمل تيز، 82 هزار افغاني هليا ويا
پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي. سرڪاري عملدارن موجب هن مهيني 33 هزار 555 ماڻهو طور خم بارڊر ذريعي واپس ويا آهن. صوبي مان ڪل 82 هزار کان وڌيڪ ماڻهو افغانستان واپس هليا ويا آهن. سرڪاري ذريعن موجب مجموعي طور تي 2772 خاندان واپس ويا آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته 8 هزار 309 مرد ۽ 5 هزار 457 عورتون افغانستان واپس وڃي چڪيون آهن.سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور وطن ويندڙ ماڻهن ۾ 19 هزار 789 ٻار به شامل آهن. گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عابد مجيد ۽ ڪمشنر پشاور طورخم بارڊر ۽ لنڊي ڪوتل جو دورو ڪيو ۽ اتي غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي انتظامن جو جائزو ورتو.
غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي:ڪراچي، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ۾ هولڊنگ سينٽر قائم
ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ جي نگران گهرو ۽ جيلن واري وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته صوبي ۾ بغير دستاويزن جي رهندڙ پرڏيهي شهرين جي وطن واپسي لاءِ رٿابندي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ان حوالي سان سموريون ضروري ڪاروايون مڪمل ڪيون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز پنهنجي آفيس ۾ غير قانوني طور رهندڙن جي وطن واپسي بابت رٿيل منصوبي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، ڊي جي پي ڊي ايم اي، ڪمشنر ڪراچي، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، زونل ڊي آءِ جيز ڪراچي، ڊي آءِ جيز اسپيشل برانچ، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ، نادرا ۽ ايف آءِ اي جي سينيئر نمائندن شرڪت ڪئي. برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته انهن ماڻهن کي پهرين نومبر تائين رضاڪارانه طور وطن واپس واپسي جي حوصله افزائي ڪئي وئي آهي ۽ حڪومت انهن جي آساني سان وطن واپسي لاءِ گهربل مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ مقرر ڪيل هنڌن تان وطن واپسي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. انهن هنڌن تي کاڌ خوراڪ جا خاص انتظام ڪيا ويندا، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جو خاص خيال رکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته دشمن عنصرن جي ڪنهن به ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪڙي نظر رکڻ جي ضرورت آهي، گهرو وزير واضح ڪيو ته حڪومت نه رڳو غير قانوني افغان پناهگير پر غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن پرڏيهي ماڻهن کي به سندن وطن واپس موڪلي رهي آهي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ان مقصد لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ۾ هڪ هڪ هولڊنگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. انهن مرڪزن ۾ ڌارين جي تحفظ ۽ سلامتي کان علاوه طبي سهولتون، ڊاڪٽر، دوائون ۽ ٻيون صحت جون سهولتون به فراهم ڪيون وينديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي ڪنٽرول رومز ٺاهيا ويا آهن جيڪي ڪوآرڊينيشن ، مانيٽرنگ ۽ رپورٽنگ ڪندا. پوليس، نادرا، ايف آءِ اي، پي ڊي ايم اي، اسپيشل برانچ ۽ ٻين انٽيليجنس ادارن جا نمائندا ڪنٽرول روم جو حصو هوندا. اجلاس ۾ خصوصي ٽرينن ذريعي غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ تي به غور ڪيو ويو ته جيئن سيڪيورٽي مسئلن کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي هڪ ئي جڳهه تي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. سنڌ جي گهرو وزير ڪمشنر ڪراچي کي فوڪل پرسن نامزد ڪندي هن کي ان تجويز تي وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڪراچي جي گذري پوليس گشت دوران غير قانوني طور رهندڙ افغان شهري کي گرفتار ڪري ورتو
ڪراچي (رپورٽر ) گذري پوليس گشت دوران غير قانوني طور تي رھندڙ افغان شھري کي گرفتار ڪري ورتو. ڏکڻ ضلعي پوليس جي ترجمان موجب غير قانوني طور تي رھندڙ افغان شهري احمد خان ولد غلام محي الدين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار افغان شھري جي خلاف فارن ايڪٽ 1946 جي تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
بلوچستان ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ وڌيڪ 3 ڪراسنگ پوائنٽس کوليون ويون
ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان حڪومت غيرقانوني پرڏيهين جي افغانستان ۽ ايران واپسي جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 3 ڪراسنگ پوائنٽس کولي رهي آهي، نگران وزيراطلاعات جان اچڪزئي چيو ته ڊيڊلائن کانپوءِ حڪومت صوبي مان غيرقانوني پرڏيهين کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان پنهنجي پلان کي پوري قوت سان لاڳو ڪندي، سنڌ ۽ پنجاب مان ايندڙ غيرقانوني پرڏيهين کي مڪمل سيڪيورتي ڏني ويندي ۽ کين هولڊنگ سينٽرز ۾ رکيو ويندو، هن چيو ته چمن ۽ اسپن بولدڪ مان روزانو 40 کان 50 هزار ماڻهو پاسپورٽ ۽ ويزا کان بغير پاڪ افغان بارڊر پار ڪن، حڪومت ان عمل جي وڌيڪ اجازت نه ڏيندي
عورت آزادي مارچ ڪرڻ وارو عمل سنڌ جي وجود خلاف آهي: صنعان قريشي
ڪراچي(پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين سميت ٻين ملڪن جي ماڻهن جي نيڪالي خلاف عورت آزادي مارچ پاران احتجاج ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هر سال 8 مارچ تي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ عورت مارچ ڪيا ويندا آهن، پر هن وقت افغانين جي حق ۾ عورت آزادي مارچ ڪرڻ وارو عمل خود عورت مارچ جي ايجنڊا ۽ سنڌ جي وجود خلاف آهي، تنهن ڪري ان قسم جي عورت مارچ جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته عورتن جي حقن جا حامي آهيون، پر افغانين جي حمايت ۾ مارچ ڪرڻ هڪ سازش آهي، افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي جو مسئلو سنڌ جي وجود سان جڙيل آهي، غير قانوني ڌارين سبب سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، تنهن ڪري سنڌ جو اهو گڏيل مطالبو آهي ته افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي پنهنجي ڏيھه موڪليو وڃي.
عورت آزادي مارچ وارا سنڌ دشمني ڪري رهيا آهن: سنڌياڻي تحريڪ
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، زاھده شيخ، نصرت خاصخيلي ۽ ناھيد جوڳي، عورت آزادي مارچ پاران افغانين جي حق ۾ نڪرندڙ ريلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته افغاني سنڌ سميت سڄي ملڪ تي نه رڳو معاشي طور بار آھن پر انھن پناهگيرن جي ڪري سڄو ملڪ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، هنن چيو ته عورت آزادي مارچ ڌرتي ڌڻين جي جمهوري ۽ اصولي موقف جي مٿان وڏو حملو ڪري رهي آهي، عورت آزادي مارچ جي نالي ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ پناهگيرن کي وري سنڌ ۽ ملڪ جي معيشيت ۽ وسيلن تي مستقل طور تي بار وجهڻ واري ڪوشش کي سنڌ ۽ پاڪستان دشمني سمجهون ٿا هوڏانهن سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمره سمون چيو آهي ته نام نهاد سول سوسائٽي طرفان عورت مارچ جي نالي تي سنڌ ۾ غير قانوني افغانين جي حمايت ۾ نڪرندڙ ريلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته غير قانوني طور سنڌ ۾ ايندڙ افغاني هٿيارن ۽ منشيات جا تمام وڏا اسمگلر آهن، غير قانوني افغانين جي حمايت ترقي پسندي نه پر وطن دشمني ۽ قوم دشمني آهي. انساني حقن جي نالي ۾ لکين غير قانوني غير ملڪين کي سنڌ ۾ رهائڻ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي.
ڪراچي کي پشونستان بڻائڻ جي سازش ٿي رھي آھي:لال جروار
ملير(رپورٽ:جميل چانڊيو)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار جون ملير گھگھر، شيدي ڳوٺ، رزاق آباد، پپري ۾ ڪارنر گڏجاڻيون . ڳوٺاڻن سان ڪچھري. ملير ۾ صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي تي ھڪ منظم منصوبا بندي سان پيپلزپارٽي جي سھولتڪاري ۾ لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري ڌارين کي زمينون ڏئي نئون اسرائيل جوڙڻ جي سازش ڪئي وئي آھي. ھن چيوته ڪراچي سميت سنڌ مان غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ حڪومتي پلان واضح ڪيو وڃي. سنڌ جون قديم سنڌي وسنديون ڊاھڻ مذمت جوڳو عمل آھي. ھن چيو ته ڪراچي کي پشونستان بڻائڻ جي سازش ٿي رھي آھي. غير قانوني افغانين جا حمايتي ملڪي سالميت لاءِ خطرو بڻيل آھن.. ڪراچي ۾ چاليھ لک کان وڌيڪ غير قانوني غير ملڪي رھن ٿا. غيرقانوني غير ملڪين ڪراچي سميت ملڪ جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آھي. هن چيو ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي سميت رھائشي منصوبا زمينن تي قبضن جي سازش آھن بحريا ٽائون جو کيرٿر نيشنل پارڪ تي قبضو تاريخي ماڳن کي ميسارڻ جي سازش آھي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار ڪراچي سميت سنڌ مان غيرقانوني پرڏيھين کي نيڪالي لاءِ عملي بندوبست ڪري. پريس ڪانفرنس ۾ گھنور خان زئور، نور نبي پليجو، علي محمد ڪلمتي، عبداللہ ٻپڙ، اقبال جروار، رستم ميراڻي ستار گوپانگ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا.