نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( م ڊ )  عدليه مخالف تقريرن ​​تي اڳوڻي  وزيراعظم نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست هڪ شهري طرفان داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته نواز شريف جي 2018 جي ​​بيانن تي سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تي ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 2018ع کان هلندڙ توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.