ڪراچي ۾ مقابلا، هڪ ڦورو مارجي ويو، 6 زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار مبينا پوليس مقابلن ۾ ھڪ ڦورو مارجي ويو جڏهن ته  6ڏوھارين کي زخمي حالت  ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. سرجاڻي پوليس موجب خدا جي بستي ڀرسان پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڏوهاري مارجي ويو، ٻئي ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ريحان جڏهن ته زخمي جي ايم شريف ولد منظور طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي قبضي مان 2 پسٽل، گوليون، موبائيل فون، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. سپر مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس موجب اي وي ايل سي پوليس لياقت آباد جي علائقي سپر مارڪيٽ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري حمزا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل ۽ موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي.گزري ٿاڻي جي پوليس موجب ڊيفنس فيز 7 قيوم آباد سي آر پٽا ڊي ايڇ اي چوڪي لڳ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي بعد پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري مرزا جعفر بيگ ولد مرزا مطاھر علي بيگ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي پسٽل گوليون، موبائيل فون ۽ موٽرسائيل ھٿ ڪئي وئي.موچڪو ٿاڻي جي پوليس موجب بلديا ٽائون جي علائقي سپارڪو روڊ تي ايڌي قبرستان ڀرسان پوليس ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز وچ ۾ مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جوابي فائرنگ ۾ 2 ڏوهارين صديق ولد صادق ۽ گوھر ولد آدم خان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندن قبضي مان پسٽل، موبائيل فون ۽ موٽر سائيڪل ھٿ ڪئي وئي.مومن آباد پوليس موجب اورنگي ٽائون سيڪٽر 4 ايف ضياءِ ڪالوني قبرستان ڀرسان پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري ذوالفقار ولد عدالستار ۽ اساما ولد محمد حسن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.