پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ

لاهور ( م ڊ ) لاهور جي عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي  واڌ ڪري ڇڏي آهي. لاهور جي جڊيشل مئجسٽريٽ پرويز الاهي خلاف پنجاب اسيمبلي جي ڀرتين ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اينٽي ڪرپشن اڳوڻي وڏي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ 12 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. اينٽي ڪرپشن عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته پرويز الاهي کان وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي، ان ڪري عدالت رمانڊ منظور ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته ضمني موجب پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن ٽيم سندس رهائشگاهه تي وٺي وئي، ۽ پرويز الاهي پنهنجي بيڊ روم ۾ رکيل دراز مان 41 لک رپيا هٿ ڪرايا، ضمني ۾ نه وقت ۽ نه ئي ٿاڻي تان وڃڻ جو ذڪر آهي. پرويز الاهي جي وڪيل جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪندي سندس رمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.