سنڌ جي ماڻهن کان بنيادي سهولتون کسيل آهن: راشد محمود

ميرپورخاص/سنڌڙي(رپورٽ:صالح اوٺو+ڪاشف شر)جي يو آءِ جو امن مارچ ميرپورخاص  پھتو، عوامي جلسي کي خطاب ڪندي جي يو آء سنڌ جي امير مولانا راشد محمود سومري چيو ته ھي مارچ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي سميت سنڌ جي معدني وسيلن، ٻيٽن ۽ زمينن جي تحفظ سان گڏ عام ماڻھن جي حقن لاءِ آھي. ھن چيو ته سنڌ جي ماڻھن کان صحت، تعليم، روڊن رستن جون سھولتون کسيون ويون آھن.  ميرپورخاص واحد ڊويزن آھي جنھن جي مختلف ادارن لاءِ بجيٽ ته اربين رپين جي رکي وئي آھي پر ھتي نه يونيورسٽي آھي نه ميڊيڪل ڪاليج ۽ نه ئي صحت جون بھتر سھولتون آھن. جلسي کي مولانا حفيظ الرحمان فيض، مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، مولانا صالح انڍڙ، مولانا عبد الله  مھر، عبدالرزاق عابد لاکي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ امن مارچ سنڌڙي پھتو، مولوي رفيق احمد سومرو، شاھنواز بروھي، اسحاق نوھڙي، يوسي چيرمين عبدالڪريم شر، حافظ نورمحمد شر ۽ ٻين آجيان ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.