نوابشاهه(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) اڳوڻو صدر پاڪستان آصف علي زرداري ڪراچي کان هيليڪاپٽر ذريعي نوابشاهه بلاول اسٽيڊيم پهتو جتي پ پ اڳواڻن حاجي علي حسن زرداري، عاشق حسين زرداري، اڳوڻو ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ سردار اسماعيل ڏاهري سندس آجيان ڪئي جڏهن ته آصف علي زرداري اسٽيڊيم کان زرداري هائوس نوابشاهه تائين پيادل پهتو جڏهن ته ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب آصف علي زرداري ڪجهه ڏينهن لاءِ نوابشاهه ۾ قيام ڪندو ۽ ضلعي شهيد بينظير آباد جي سياسي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ پارٽي ورڪرن ۽ عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو ۽ پنهنجي وڏڙن جي قبرن تي پڻ حاضري ڀريندو