حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي گذريل پندرهن سالن کان سنڌ جيماڻهن ووٽ ڏئي اقتدار اعلي تائين پھچايو ان جي بدلي ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي ايڊز، ھيپاٽائيٽس، پيئڻ لاءِ گٽرن وارو پاڻي، بک بدحالي، بيروزگاري، لاقانونيت، بدامني ۽ لاشن کانسواءِ ڪجھ به نه ڏنو پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل حڪومتي دورن ۾ سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، وزيرن، مشيرن، ۽ چونڊيل نمائندن رڳو ڪرپشن ڪري پنھنجا گھر ڀريا ۽ سنڌ جي عوام کي سکڻا آسرا ڏئي رلايو، هن چيو ته اٽي لٽي اجھي ۽ جمھوريت جي ڪوڙن نعرن ذريعي عوام سان دوکو ڪيو ويو. پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، انھن جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ سنڌ ۾ بک، بدحالي بيروزگاري وڌي آهي